ن ليگ پنجاب اسپيڪر جي چونڊ چئلينج ڪري ڇڏي

لاهور (م ڊ) ن ليگ پنجاب اسيمبلي اسپيڪر جي چونڊ عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏي. ن ليگ طرفان پنجاب اسيمبلي جي چونڊ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ نئين چونڊيل اسپيڪر سطبين خان سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. ن ليگ منصور عثمان معرفت داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پنجاب اسيمبلي اسپيڪر جي چونڊ ۾ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون، اسپيڪر جي چونڊ ڳجهي راءِ شماري ذريعي ٿيندي آهي، تنهن ڪري ان چونڊ ۾ بيلٽ پيپرن تي سيريل نمبر داخل ڪرڻ آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي. ن ليگ پنهنجي درخواست ۾ پنجاب اسيمبلي اسپيڪر جي چونڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.