پاڪستان 126 ارب ڊالرن جو قرضي

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان جي قرضن جا تفصيل پيش ڪيا ويا. اختيارين موجب 31 مئي 2022 تائين پاڪستان جو ڪل پرڏيهي قرض 126 ارب ڊالر آهي. انگن اکرن موجب پاڪستان کي 2059ع تائين 95 ارب 40 ڪروڙ ڊالر ادا ڪرڻا آهن، جڏهن ته پاڪستان تي واجب الادا رقم 115 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي. اختيارين موجب پرائيويٽ سيڪٽر تي 11 ارب 58 ڪروڙ ڊالرن جو پرڏيهي قرض آهي. جڏهن ته آءِ ايم ايف وٽ پاڪستان جو قرض 7 ارب 29 ڪروڙ ڊالر آهي. لاڳاپيل اختيارين طرفان ايوان کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جو پرڏيهي قرض 85 ارب 64 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.