سنڌو درياهه ۾ هيٺين درجي واري ٻوڏ، سکر بئراج مان وڌيڪ اٺ لاش هٿ

سکر ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ درياهه ۾ سکر بئراج وٽ هيٺين درجي واري ٻوڏ جي صورتحال برقرار آهي جڏهن ته بئراج مان اڻڄاتل لاش ملڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي.

سکر بئراج ما ن اڄ پڻ وڌيڪ اٺ لاش هٿ آيا آهن ۽ 11 ڏينهن دوران 20 لاش ملي چڪا آهن.

اختيارين موجب لاش پاڻي هئڻ سبب سڃاڻپ جوڳا ناهن رهيا جن جي ايڌي رضاڪارن ذريعي تدفين ڪرائي وئي آهي.

ضلعي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻڏڻ وارا ڪير آهن ان  معاملي تي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.