توانائي بچائڻ جو انوکو طريقو، وزيرن، ڪامورن، سرڪاري توڙي خانگي ملازمن کي ٽاءِ نه پائڻ جو حڪم !

اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سنچز توانائي بچائڻ جو انوکو طريقو پيش ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سنچز سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي ملازمن تي زور ڏنو آهي ته هو توانائي بچائڻ لاءِ ٽائي نه پائن.

پيڊروسنچز جو چوڻ آهي ته سندس حڪومت توانائي بچائڻ وارو عمل فوري شروع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن يوڪرين تي حملي کي نظر ۾ رکندي گئس تي دارومدار گهٽ کان گهٽ رکي سگهجي.

هڪ پريس ڪانفرنس دوران اسپين جي وزيراعظم چيو ته هو پاڻ به ٽاءِ نه پيو ٻڌي ۽ وزير، سرڪاري آفيسر ۽ خانگي ۽ سرڪاري ادارن جا ملازم به اهو طريقو اختيار ڪن.

پيڊرو سنچز ٻڌايو ته اهڙي نموني کين گرمي گهٽ محسوس ٿيندي جيڪا توانائي بچائڻ جو ڪارڻ بڻبي ڇو جو ايئر ڪنڊيشنر گهٽ هلندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.