صحت : هاءِ بلڊ پريشر گهٽائڻ جو هي سڀ کان سولو طريقو ڄاڻي وٺو

هاءِ بلڊ پريشر هڪ اهڙي حالت آهي جنهن ۾ توهان جي رت جي نالين مان رت وهڻ جي قوت تمام گهڻي هوندي آهي، جيڪا آخرڪار دل جي بيمارين سميت ٻين صحت جي مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

ماهرن جو خيال آهي ته پاڻي پيئڻ ۽ مناسب طريقي سان هائيڊريٽ رهڻ ٻين شين کانسواءِ توهان جي بلڊ پريشر جي سطح کي ڪنٽرول ۾ رکي سگهي ٿو، جڏهن هڪ جسم سٺي نموني سان هائيڊريٽ هوندو آهي، ته چيو ويندو آهي ته دل سموري جسم ۾ رت پمپ ڪرڻ جي ۾ وڌيڪ ڪارائتي آهي، پاڻي پيئڻ ۾ ڪو خاص نقصان ناهي ۽ ان جا ابتڙ ڪيئي فائدا آهن.

آمريڪن هارٽ ايسوسيئشن ( اي ايڇ اي ) موجب جڏهن هاءِ بلڊ پريشر کان بچڻ جي ڳالهه ايندي آهي ته صحت مند طرز زندگي جي چونڊ هڪ بهترين عمل آهي.

صحت جو ادارو هڪ متوازن خوراڪ تجويز ڪندو آهي جنهن ۾ لوڻ جو مقدار گهٽ هجي، باظابطا طور جسماني سرگرمي مان لطف اندوز ٿيڻ، دٻاءُ تي ظابطو آڻڻ، صحت مند وزن برقرار رکڻ ۽ سگريٽ نوشي ڇڏڻ وغيرا.

خوراڪ جا ماهر هاءِ بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هر روز اٺ گلاس پاڻي پيئڻ جو مشورو ڏين ٿا.

صحت جي عالمي اداري جي اندازي موجب سڄي دنيا ۾ 30کان 79 ورهين جي عمر جي 1.28 بلين بالغ ماڻهو هاءِ بلڊ پريشر ۾ مبتلا آهن.

جڏهن ته هڪ اندازي موجب هاءِ بلڊ پريشر وارن بالغن مان 46 سيڪڙو ان ڳالهه کان اڻڄاڻ آهن ته سندن اهڙي حالت ڇو آهي؟ ڇاڪاڻ ته هاءِ بلڊ پريشر ضروري ناهي ته علامتن سان ظاهر ٿئي.

جڏهن بيماري خطرناڪ حد تائين وڌي ويندي آهي تڏهن ئي اهي دل جي سنگين بيمارين جهڙوڪ، هارٽ اٽيڪ، هارٽ فيليئر، فالج وغيرا جهڙين صورتن ۾ علامتون ظاهر ٿينديون، اهو هڪ سبب آهي ته هاءِ بلڊ پريشر کي ” خاموش قاتل“ پڻ چيو ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.