فلم جي سين ۾ سهڪار نه ڪرڻ تان ڊائريڪٽر سيف علي خان کي چماٽ وهائي ڪڍي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فلمساز ٽينو ورما بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان کي فلم جي سيٽ تي زورائتي چماٽ وهائي ڪڍڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.

سيف علي خان 90 جي ڏهاڪي ۾ فلم انڊسٽري ۾ ” ننڍي نواب“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو ڇاڪاڻ ته هو اُن وقت فلم انڊسٽري ۾ نالو ٺاهڻ جي جدوجهد ۾ رُڌل هيو.

1999ع ۾ سيف علي خان ادڪار اجي ديوگن منيشا ڪوئرالا سان گڏ فلم ”ڪچي ڌاگي “ جي شوٽنگ ۾ رُڌل هيو ته اوچتو ايڪشن ڊائريڪٽر ٽينو ورما کيس چماٽ وهائي ڪڍي هئي ۽ تازو ئي هڪ پروگرام ۾ ٽينو ورما ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي.

ٽينو ورما ان واقعي  جو ڪارڻ ٻڌائيندي چيو ته فلم ۾ هڪ ٽرين جو سين هو جنهن ۾ هر هر ماڻهو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃي رهيا هئا، اهو تمام وڏو سيٽ هو جنهن لاءِ ست ڪيمرائون لڳايون ويون هيون.

ٽينو موجب سين دوران هڪ هلندڙ ٽرين هئي جتان ادڪار ٽپو ڏئي رهيا هئا ۽ ان وقت ماڻهن جو تمام وڏي هجوم کي سنڀالڻو پئجي رهيو هو، ان سين ۾ اجي ۽ سيف گڏ هئا ۽ جيئن مون ايڪشن چيو سيف نچڻ لڳو.

هن چيو ته هر هر سيف کي منع ڪيو پر جڏهن هو نه مڙيو ته مون سين روڪيو ۽ سيف کان پاڻ وٽ سڏائي کيس سهڪار نه ڪرڻ جو سبب پڇو جنهن تي ادڪار چيو ته ٽرين جو آواز ٻڌي پاڻ کي نچڻ کان روڪي نٿو سگهان.

ٽينو ورما چيو ته سيف اهڙو جواب ٻڌي مون ڪاوڙ ۾ اچي کيس زوردار چماٽ وهائي ڪڍي جنهن تي هو پري وڃي ڪريو، مون کيس چيو ته تون اسان ٽيڪنيشن جي عزت ڪرڻ سکي ويندي ان وقت فلم جي عڪسبندي ٻيهر شروع ڪندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.