لمپي اسڪن جو مرض، ٿرپارڪر ۽ سرڪاري انتظام

مھاديو مڪواڻو

جھڙي ريت انسان مخلف وقتن ۾ وبائي بيمارين جو شڪار ٿيندو رھيو آھي، اھڙي ريت جانور به ڪيئي وبائن جو شڪار ٿيندا رھيا آھن. انسان جي بچاءُ توڙي علاج جي لاءِ پوري دنيا ۾ تمام گھڻو ڪم ٿيو آھي، انھيءَ طرح دنيا جي تمام سڌريل ملڪن ۾ جانورن جي بچاءُ ۽ علاج جي لاءِ به اپاءُ ورتا ويندا رھيا آھن.

اسان جو ملڪ ان ان سلسلي ۾ ٻين دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ سو سال ۽ ٻين ڪافي ترقي پذير ملڪن جي ڀيٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنجاھ سال پٺتي پيل آھي. اسان وٽ بيماريون ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تيزي سان ڦھلجي وينديون آھن، جڏھن ته انھن جي علاج بابت ۽ علاج سان گڏ ضروري آگاھي توڙي بچاءُ جون تدبيرون ڪافي دير سان پھچن ٿيون. شھرن ۾ کڻي ھاڻي عوام پنھنجي مدد پاڻ تحت موجودہ وسيلا استعمال ڪري آگاھي به وٺي پر ٻھراڙين ۾ اھي سھولتون عوام وٽ نه ھئڻ جي برابر آھن ۽ ٻھراڙين ۾ تمام گھڻو نقصان رپورٽ ٿيندو آھي. شهرن ۾ به انسان جي لاءِ قائم ڪيل سرڪاري توڙي خانگي سهولتن جي ڀيٽ ۾ جانورن جي لاءِ اسپتالون گهٽ آهن، جيڪي سرڪاري اسپتالون آهن انهن تي مقرر عملي جي معيار، مهارت ۽ سنجيدگي  کان ويندي ضروري مشينن ۽ دوائن جي دستيابي ۽ انهن جي معيار بابت تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي.

پاڪستان ۾ فيبروري 2022 جي مھيني جي شروعات ۾ ئي ڪيپريپوڪس وائرس جا ڪيس ظاھر ٿيا ۽ رپوٽ ڪيا ويا، ڪيپريپوڪس وائرس جي ڪري ٿيندڙ بيماري کي لمڦي اسڪن ڊزيز سڏيو ويو جنھن کي اسين ايل ايس ڊي/ لمپي اسڪن جو مرض به چئي سگھون ٿا. هن بيماري خاص طور تي ڳائي ڌڻ کي وڪوڙيو آهي. ڍڳين ۾ لمپي اسڪن جي مرض جي ڪري چمڙي ۾ تمام گهڻيون سخت ڳوڙهيون ٿينديون آهن، جن جي ڪري مال هيٺ ويهي نه سگهندو آهي، تمام گهڻو وقت هيٺ نه ويهڻ جي ڪري چوپائي مال جون ٽنگون سُڄي پونديون آهن. چمڙي ۾ ٿيل ڳوڙهين جي ڪري ۽ جسم ۾ شديد سور جي ڪري جانورن جو کائڻ پيئڻ تمام گهڻو متاثر ٿئي ٿو. هيئر تائين هن مرض جو ڪوبه علاج دستياب ڪونهي، ڪجهه اينٽي بايوٽڪس، سوزش ۽ سور گهٽائڻ جي لاءِ دوائون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ وٽامن جون گوريون ۽ سيون هنيون وينديون آهن. گهڻي کان گهڻي ڪوشش ڪبي آهي ته متاثر جانور جو کائڻ پيئڻ بهتر ۽ بحال رهي.

مون کي گزريل ٻن هفتن ۾ پنهنجي ڪم جي سسلي ۾ وڃڻو هيو، پنهنجي ان ڪم جي دوران مون ڳوٺاڻن کان اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ لمپي اسڪن جي مرض کان بچاءُ جي لاءِ ڪهڙا سرڪاري توڙي نجي ادارن جي طرفا ڪهڙا بندوبست ٿيل آهن. مونکي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڪثر ڳوٺاڻا پنهنجا ديسي پراڻا ٽوٽڪا ڪتب آڻي رهيا آهن ۽ اهي ميد ڪن پيا ته انهن جو چوپايو مال انهن ٽوٽڪن جي عيوض بهتر به ٿيو آهي. باقي اڪثر ڳوٺن ۾ نه ويڪسين ۽ دوائن جي فراهمي جي لاءِ ٽيم پهتي آهي نه ئي ڪا ان بيماري بابت ڄاڻ ڏيڻ جي لاءِ ڪنهن ڪشالو ڪيو آهي. ها! اهي نجي فلاحي ادارا جن جا مخصوص ڳوٺن ۾ فلاحي ڪم هلندڙ آهن انهن ادارن جي نمائندن هن بيماري جي بابت ڪميونٽي ۾ ضرور ڄاڻ ڏني آهي ۽ اهي امرجنسي نمبر به ڳوٺاڻن سان ونڊيا آهن جيڪي واسطيدار سرڪاري ادارن جي طرفان عوام جي مدد جي لاءِ ونڊ ڪيا ويا هيا.

لمپي اسڪن جي مرض جي باعث جون جي مهيني جي ڪجهه رپورٽن جي مطابق هڪ لک کان وڌيڪ جانور متاثر ٿيا آهن، جن ۾ موت جي شرع 5 سيڪڙُ کان گهٽ رهي آهي جيڪا ڪافي خوش آئين ڳالھه آهي، پر ان ۾ لاڳاپيل ادارن جو ڪوبه خاص ڪردار ڪونهي، بس اهو جيئن جو تيئن ڦهلجندو رهيو ۽ ادارن جي طرفان نوٽيفڪيشن نڪرندا رهيا. لمپي اسڪن جي مرض جي ظاهر ٿيڻ جي ترت بعد حڪومت جي طرفان مال جي پڙين ۽ چوپائي مال جي هڪ ماڳ کان ٻي ماڳ منتقل ڪرڻ تي پابندي هنئي وئي هئي، جيڪا ڪجهه ئي هفتن ۾ فقط نڪتل نوٽيفڪيشنس جي ڪاغذن ۾ ئي رهجي وئي هئي. هر شهر ۾ معمول جيان مال جون پڙيون لڳي رهيون هيون ۽ پڙين ۾ جانورن جي آمدرفت پوري ملڪ مان معمول کان هزارين ڀيرا وڌي وئي هئي جيڪا عيد کان هڪ مهيو اڳ شروع ٿي ۽ پورو مهينو جاري رهي. جڏهن ته هن ڀيري وڌيڪ احتياط ڪرڻ جي ضرورت هئي، ڇو ته جانورن ۾ لمپي اسڪن جي مرض جي لهر هلندڙ هئي ۽ ڪورونا وائرس جي متاثرين جو تعداد به وڌي رهيو هيو. اهڙي حالاتن ۾ شايد انتظام وڌيڪ بهتر هئڻ گهربا هيا.

 ٿرپارڪر سنڌ جو اهو ضلعو آهي جتي هر گهر ۾ چوپايو مال پاليو ويندو آهي، 2019 جي هڪ رپورٽ جي مطابق 94 سيڪڙو آبادي وٽ چوپايو مال پاليل آهي ان مان مراد ته هر گهر وٽ اٽڪل 8 جانور پاليل هوندا آهن. ٿرپارڪر ضلعي جي ڪل آبادي جو لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو چوپايو مال پالڻ جي ڪرت ۾ مشغول آهي. سنڌ جي تمام رڍن جو 50 سيڪڙو صرف ٿرپارڪر ضلعي ۾ موجود آهي جنهن جي عيوض ٿرپارڪر ضلعو اٽڪل 40 لک ڪلو کان 50 لک ڪلو اُن هر سال پيدا ڪري ٿو. ٿرپارڪر ۾ پراڻي هڪ رپورٽ مطابق 80 کان 90 لک چوپايو مال رپورٽ ٿيل آهي، پر هڪ ڪاٿي مطابق هاڻي اها انگ هڪ ڪروڙ ويھ لک کان مٿي هوندو. جانورن جي ايتري وڏي انگ ۽ ان جي معشيت ۾ اهم ڪردار هئڻ جي باوجود ٿرپارڪر ۾ هر سال لکين جانور ۽ انهن جا مالڪ بئراجي علائقن ڏانهن پاڻي ۽ چاري جي ڳولها ۾ سفر ڪن ٿا، هن عمل جي دوران جانورن ۽ ڀاڳين جي تڪليف سان گڏ ٻيا ڪيترا ئي اهم مسئلا به جڙيل آهن جيڪي صدين کان مستقل حل جا منتظر آهن. ٿرپارڪر ۾ ماضي قريب ۾ سرڪاري سطح تي جانورن جي پالنا ۽ سنڀال ۾ بهتري جي سلسلي ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي، پر منصوبن جو جڙي ۽ رائج ٿي وڃڻ کان انهن جو فعال رهڻ وڌيڪ اهم آهي ۽ اسان وٽ منصوبن جو فعال رهڻ هڪ وڏو سوال آهي.

بيشڪ لمپي اسڪن جي مرض کان بچاءُ جي لاءِ اپاءُ وٺڻ اهم هيو، هن بيماريءِ کان نجات جي لاءِ ويڪسين  وغيره جي دستيابي سان گڏوگڏ اسان کي ضروري دوائون ورهائڻ جي لاءِ بندوبست ڪرڻا هيا، جيڪي بهرحال نه ٿي سگهيا، پر ان چوپايو مال جي لاءِ به ڪائي منصوبابندي ڪونهي ٿيل جيڪو مال ايل ايس ڊي ۾ مبتلا ٿيو ۽ مرڻ کان بچي ويو. هن بيماري جي دوران جيڪا چمڙي ۾ زخم ٿين ٿا اهي ڀرجڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳائيندا آهن چمڙي ۾ ٿيل ڳوڙهين مان مسلسل خارش جي ڪري ماس نڪري ويندو آهي جنهن سبب چمڙي ۾ سوراخ ٿي ويندا آهن جنهن مان رت ۽ پرون وهڻ لڳندو آهي. لاڳاپيل اداري طرفان ويڪسين ۽ دوائون ورهائڻ واري مرحلي  ڪيترو ڪم ڪيو اهي ادارو ئي بهتر ٻڌائي سگهي ٿو پر ان محدود ٿيل سرگرمي کان پوءِ ڪنهن به قسم جي سرگرمي نظر نه آئي آهي. تحقيق مطابق لمپي اسڪن جو مرض جيت جڻن جي معرفت ڦلهجندڙ مرض آهي جيڪا متاثر جانورن جي رت مان ٻين جانورن ۾ منتقل ٿيندو آهي. ٿرپارڪر ۾ بارشون پوڻ کان پوءِ بئراجي علائقن مان مالوند ماڻهو مال ڪاهي واپس اچي رهيا آهن، واپس ايندڙ جانورن مان ڪيئي جانور اهڙا اوهان کي نظر ايندا جيڪي لمپي اسڪن جي مرض جا متاثر آهن، پر لاڳاپيل اداري جو هن صورحال بابت ڪوبه منصوبابندي ڪونهي ٿيل ۽ پوري سنڌ کان جانور خاص طور تي هزارن جي تعداد ۾ روزانو ڍڳيون واپس ٿر اچي رهيون آهن.

ٿرپارڪر جي عوام جو خاص معاشي سهارو اهو چوپايو مال ئي آهي، جنهن جي عيوض عام ماڻهو جي روزمره جي زندگي جو ڪارونهنوار هي ٿو، حڪومت کي عام ماڻهو جي روزمره جي سرگرمين کي بحا رکڻ جي لاءِ بهتر انتظام ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ لاڳاپيل ادارن کي وڌيڪ سنجيده ٿيڻ جي ضرورت آهي. جيڪو اسان وٽ وسيلن جو حال آهي انهن سان ڪو وڏي وبا تي قابو پائڻ مشڪل ٿي سگهي ٿو ۽ گهٽ سهولتن جي ڪري متان ڪو وڏو نقصان نه ٿئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.