عوام تيار رهي، پيٽرول 15 ۽ ڊيزل 18 رپيا مهانگو ڪرڻ جون تياريون

اسلام آباد(م ڊ) ايندڙ مهيني  هڪ ڀيرو وري  عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جو امڪان آهي. پيٽروليم شين جي اگهن بابت اوگرا جي سمري ڪالهه ناڻي واري وزارت ڏانهن اُماڻي وئي وئي هئي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ 15 رُپين تائين واڌ جو امڪان آهي. اوگرا جي پيٽروليم شين جي اگهن بابت ورڪنگ حتمي مرحلي ۾ آهي، ورڪنگ موجب پيٽرول 15 رُپيا ۽ ڊيزل 18 رُپيا في ليٽر مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.اوگرا پيٽروليم شين بابت ٻه تجويزون تيار ڪيون آهن، پيٽروليم شين تي ليوي ٽئڪس گهٽائي اگهه برقرار رکي سگهجن ٿا، ليوي ٽئڪس ۾ 10 رُپيا في ليٽر تائين واڌ ڪري اگهه وڌائي سگهجن ٿا.ناڻي واري وزير پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ وارين تجويزن تي غور ڪندي ۽ وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ 31 آگسٽ تي نون اگهن جو اعلان ڪرڻ جو امڪان آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.