ميرو خان لڳ چڙهائي، تشدد، عورتن سميت 4 زخمي، 2 کنڀي گم،لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) تعلقي ميرو خان جي ڳوٺ پيارو مگسي جي رهواسي کوسا ذات جي عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن طرفان خان واھ ڀرسان روڊ تعمير ٿيڻ خلاف ٽوڦ چوسول ۽ قمبر لنڪ روڊ وٽ کٽ تي پاڪ ڪتاب ر کي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن امين کوسو، واجد کوسو، فياض کوسو، آصف کوسو، فاروق کوسو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڳوٺ ڀرسان خان واھ وٽ اسان جي 150 جريب زرعي زمين آهي، جنهن تي مختلف فصل پوکي گذر سفر ڪندا آهيون. هنن الزام لڳايو ته حڪومت، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي انتظاميه ۽ پوليس علائقي جي بااثرن جي چوڻ تي خان واھ وٽ روڊ تعمير ڪرائي رهي آهي، جنهن سان اسان جون زمينون مڪمل طور تي غيرآباد ٿي وينديون ۽ اسان بک بدحالي جو شڪار ٿي وينداسين، جڏهن ته اهڙي عمل جي اسان مزاحمت ڪئي سين ته ميروخان پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري اسان کي تشدد جو نشاڻو بڻايو، جنهن دوران مسمات راڻي خاتون، صدام، رستم، آصف کوسو ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته پوليس اسان جي ٻن ماڻهن حاجي وزير کوسو ۽ رياض کوسو کي کنڀي کڻي وئي آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن وس وارين اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي فوري طور تي روڊ جو تعميراتي ڪم بند ڪرائڻ سان گڏ گرفتار ڪيل ڳوٺاڻن کي ڇڏرائي اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.