ٻيلو شهر جي اسپتال جا برساتن بعد چاپڙ ڪري پيا، مرمت نه ٿي

سجاول (ڊ ر)سجاول ضلع جي ٻيلو شهر جي بي ايچ يو ٻيلو گزريل ڪيترن ئي سالن کان ترقياتي ۽ مرمتي ڪم نه ٿيڻ ڪري تازين ساڻوڻي زوردار برساتين پوڻ سبب ڇت مڪمل طور تي تباه ٿي وئي آھي زبون حالي  جو شڪار بڻجي چڪي آھي جنھن جي ڪري ڇت جا چاپوڙا ڪرڻ لڳا آهن جڏھن ته ميڪنڪ روم جا چاپوڙا ڪرڻ جي ڪري ڀت ۾ لڳل ڪٻٽ ڪري پيو جڏھن ته ان ۾ لڳل شيشا به ٽٽي پيا جڏھن ته ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو ھتان جي ملازمن ۽ مريضن کي ھر وقت جاني نقصان ٿيڻ جو خطرو رھي ٿو ٻيلو جي عوام ڊي ايچ او سجاول ۽ ضلع انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور تي ھنگامي بنيادن تي ٻيلو (بي ايچ يو)  جي ڇت جو تعميراتي ڪم ڪرائي ڏين ته جنهن ايندڙ مريضن۽ ھتان جي ملازمن جون زندگيون بچي سگهن ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.