پرڏيهه ۾ مقرر آفيسرن تي انڪم ٽيڪس معطل ڪرڻ لاءِ خط

اسلام آباد(م ڊ) واپار واري وفاقي وزير نويد قمر پرڏيهه ۾ مقرر آفيسرن تي انڪم ٽيڪس لڳائڻ واري معاملي تي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل کي خط لکي ڇڏيو آحي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرڏيهه ۾ مقرر آفيسرن تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي، جيڪو معطل ڪيو وڃي ، نويد قمر چيو ته ڪامرس اينڊ ٽريڊ گروپ جي آفيسرن کي ايگزيڪيوٽو الائونس ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي، انهن آفيسرن کي ايگزيڪيوٽو الائونس ۾ شامل ڪيو وڃي، ناڻي وزارت جو نوٽيفڪيشن وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي عڪاسي نه ٿو ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.