پاڪ فوج ۽ ايف سي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين ۾ رڌل

اسلام آباد(م ڊ)پاڪ فوج ۽ ايف سي جا جٿا هاڻوڪي متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين  ۾ سول انتظاميه جي ڀرپور مدد ڪري رهيون آهن، آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان ۾ آرمي ايوي ايشن جا ٻه هيلي ڪاپٽر ڪراچي کان اوٿل، لسٻيله جي علائقي لاءِ روانا ٿي ويا آهن، اوٿل، جهل مگسي ۾ گرانڊ ريسڪيو ۽ رليف ٽيمون ماڻهن کي محفوظ ماڳن تي منتقل ڪرڻ ۽ مقامي رهواسين کي کاڌي پيتي جي شين ۽ پاڻي جي فراهمي ۾ مصروف آهن، ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊڪس متاثر ماڻهن کي طبي امداد فراهم ڪري رهيا آهن، ڪوسٽل هاءِ ويز کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي، تباهه ٿيل ڪميونيڪيشن انفراسٽرڪچر جي مرمت ۽ يوٽيلٽيز سروسز بحال ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي، تربت ۾ ڀڄي پيل بندن جي حفاظتي مرمت ڪئي وئي آهي، پنجاب جي علائقي ڊي جي خان ۾ ٻوڏ ۽ طوفاني برساتن سبب متاثر ماڳن تي پاڪ فوج امدادي ڪوششن ۾ سول انتظاميه جي مدد ڪري رهي آهي. ٻوڏ متاثر مقامي ماڻهن کي طبي امداد جي فراهمي لاءِ فوج طرفان ٻه ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪالي جي ڪوششن کانسواءِ ڄامشورو ۽ کارو جي علائقن ۾ فوج امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.