سنڌ حڪومت هٿيارن جي ڊيلرن خلاف ڏنڊو کڻي ورتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هٿيارن جي ڊيلرن جي شامت اچي وئي، صوبائي گهرو کاتي هٿيار ڊيلرز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

ڊيلرز طرفان هٿيارن جي خريد ۽ وڪري ۾ وڏي پئماني تي بي قاعدگين جي معاملي تي صوبائي گهرو کاتي طرفان ايڪشن ورتو ويو آهي.

هٿيار ڪنهن کي کپايا ويا، ڪنهن کان خريد ڪيا ويا، گهرو کاتي ۾ ڪو رڪارڊ جمع ناهي ڪرايو ويو، ڊيلرن خلاف ايڪشن وٺڻ لاءِ اڳوڻي مرحوم ڊي سي ڏکڻ گهرو کاتي کي خط لکيو هو.

گهرو کاتي طرفان شوڪاز نوٽيس حيسن آرمري، سپريم، مدثر، گنز اينڊ ايمو، حاتم جان، پاڪستان نيشنل، سپر، احمد ۽ ٽريگر آرمز کي جاري ڪيا ويا آهن.

سمورن هٿيارن جي ڊيلرن کي صوبائي گهرو کاتي وٽ رڪارڊ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.