ورهين کان ٽيم مان ڊراپ پاڪستاني بيٽر احمد شهزاد جا تازي انٽرويو ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته ڪرڪيٽر احمد شهزاد کي منهنجي ڪري ٽارگيٽ ڪيو ويندو آهي.

احمد شهزاد ۽ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي وچ ۾ لائيو شو ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن دوران شاهد آفريدي چيو ته جڏهن پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان هئس ته اوپنر طور مون احمد شهزاد کان بهتر ڪو ٻيو آپشن نه هو.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته احمد شهزاد جي بيٽنگ پسند هئي، جڏهن مان ٽيم جي ڪپتاني ڇڏي ته منهنجي ڪري احمد شهزاد کي ڪيئي ڀيرا تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

هن چيو ته احمد شهزاد کي تمام گهڻي سپورٽ ڪرڻ، موقعو ڏيڻ، نوازڻ ۽ ٽيم ۾ اڳتي آڻڻ بابت ڪيئي دفعا تنقيد ٻڌڻي پئي پر احمد شهزاد ٽيم جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارن رانديگرن مان هڪ آهي.

شاهد آفريدي جي ڳالهه ردعمل ڏيندي احمد شهزاد چيو ته شاهد آفريدي وڏي ڀاءُ جيان آهي، هو ڪجهه به چئي سگهي ٿو، منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي توهان ائين ڇو چئي رهيا آهيو.

شاهد آفريدي گفتگو دوران احمد شهزاد کي مخاطب ڪندي چيو ته منهنجو توهان کي رڳو اهو ئي مشورو آهي ته پنهنجي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيو ۽ پنهنجي ڪٽنب سان سٺي زندگي گذاريو، الله تعالي زندگي کي تمام خوبصورت بڻايو آهي، ان کي انجواءِ ڪريو.

ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته مان به کيڏڻ ۽ رنسون ٺاهڻ چاهيان ٿوته پر ان لاءِ مون کي هڪ پليٽ فارم جي گهرج آهي، پي ايس ايل جي ٽيمن مون ۾ دلچسپي ظاهر ڪنديون آحن پر خبر ناهي وري کين مون کي ٽيم ۾ کڻڻ کان ڪير روڪيندو آهي.

احمد شهزاد ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته مان ڪٿي کيڏان؟ ڪٿي رنسون ٺاهيان، ڇا مان گهر ۾ کيڏي ڪري رنسون ٺاهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.