سون جي اگهه ۾ هزارين رپين جي ڇرڪائيندڙ واڌ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ سون جي قيمت تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 8 هزار 500 رپين جي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 60 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت 7 هزار 288 رپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 37 هزار 603 رپيا ٿي وئي آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 19 ڊالر واڌ سان 1740 ڊالر في اونس تي پهچي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.