پاڪستان کي ھڪ جامع معاشرو ٺاھڻ، پٺتي پيل، مظلوم، پسماندار طبقن جي مسئلن کي حل ڪرڻ” جي موضوع تي گول ميز بحٿ

ڪراچي(رپورثر)زيبسٽ ۾ سسٽين ايبل ڊولپمينٽ ريسرچ اينڊ ٽريننگ سينٽر (ايس ڊي آر ٽي سي) “پاڪستان کي ھڪ جامع معاشرو ٺاھڻ، پٺتي پيل، مظلوم، پسماندار طبقن جي مسئلن کي حل ڪرڻ” جي موضوع تي ھڪ گول ميز بحٿ جو انعقاد ڪيو، گول ميز مباحثي ۾ ڊين سوشل سائنسز ڊاڪٽر رياض شيخ، چيئرمين سنڌ مينٽل ھيلٿ اٿارٽي سينيٽر ڊاڪٽرڪريم خواجھ، سينيٽر تاج حيدر، سينيٽر گيان چند، ڊاڪٽر حيدر نقوي، سماجي ڪارڪن شيما ڪرماني، چيئرمين ايڌي فائونڊيشن فيصل ايڌي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پائلر ڪرامت علي، انوشي عالم، ايڇ او ڊي سائڪاٽري ڊاڪٽر چوني لال، رياض حسين بلوچ، وڏي وزير جو اڳوڻو صلاحڪار اسد علي شاھ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، مقررن پٺتي پيل طبقن جي سياسي، معاشي ۽ سماجي مسئلن تي ڳالھھ ٻولھ ڪئي، ان ۾ چيو ويو آھي تہ پٺتي پيل طبقن جي تقسيم ۽ امتيازي سلوڪ ماڻھن ۾ خوڪشي جي رجحان کي وڌايو آھي، خودڪشي جي گھڻي طرف پکيڙ تي معاشري ۾ مظلومن کي گڏ ڪري ئي قابو آڻي سگھجي ٿو، مساوي معاشي ۽ سياسي نمائندگ جي ذريعي، پٺتي پيل طبقن کي اڪثر معاشي طور تي ان جي لاءِ روزگار جا موقعا ھيٺين سطح تي تعين ڪري ٻاھر رکيو ويندو آھي، مقررن جو چوڻ اھي تھ معاشي پاليسين تي نظر ءاني ڪرڻ جي ضرورت اھي جيڪي ترقي پسند ھجن ۽ ھيٺين طبقي کي ان جي معاش کي بھتر ٺاھڻ ۾ مدد فراھم ڪن، مقررن اھو بھ چيو تھ پسناندھ ڪميونٽيز جي مسئلن کي صرف پاليسي ۽ فيصلا سازي جي راھدارين تائين رسائي فراھم ڪري ئي بھتر طور ٻڌي سگھجي ٿوجنھن سان انھن ماڻھن جي حالت کي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ھندو، عيسائي، ڀيل، ڪولھي ۽ ٻيا پسماندا برادرين کي مذھبي سياست جي ڪري اڪثر انتظامي سطح تي ٻاھر رکيو ويندو آھي، حڪومت کي مقامي، صوبائي ۽ وفاقي سطح تي پٺتي پيل ڪميونٽيز ھي ميمبرن جي لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪرڻ گھرجي، مظلوم طبقن ۾ جنس جي سماجي مسئلن تي بحث ڪندي چيو ويو تھ پٺتي پيل طبقن ۾ عورتون سڃاڻپ ۽ معاوضي جي گھٽتائين جي ڪري وڌيڪ ڪمزور ھونديون آھن، پٺتي پيل ڪميونٽيز ۾ جبري مذھبي تبديلي، ٻارن جي شادي ۽ ڏاڍائي جا واقعا عام آھن ۽ قانون جي عملداري ۾ گھٽتائي انھن کي وڌيڪ خطري ۾ وجھي ڇڏيو آھي، انھن کي تعليم ۽ صحت جون سھولتون فراھم ڪري برابري جا حق ڏيڻ جي ضرورت آھي، شرڪت ڪندڙن متفقہ طور تي اتفاق ڪيو ۽ تجويز پيش ڪئي تھ پاڪستان اقوام متحدھ جي 2030 ايس ڊي جي ايجنڊا تي صحيح ڪندڙ ھجڻ جي ناطي پاڪستان جي پٺتي پيل ڪميونٽيز جي لاءِ آئيني پيڪيج متعارف ڪرائڻ جي لاءِ سياسي پارٽين جي مسلسل ڪوششن جي ضرورت آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.