اٽلي ۾ سياسي ۽ معاشي بحران، وزيراعظم مستعفي

اٽلي جي وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آھي. ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي بي يقيني سبب اھڙي سياسي بحران جنم ورتو آھي.اٽلي جي  وزير اعظم ماريو دراگي پنهنجي استعيفيٰ ملڪ جي صدر سرجيو ماتاريلا کي ان وقت پيش ڪئي جڏهن اتحادي ڌرين  ملڪ ۾ ھلندڙ  سياسي بحران ۽ مالياتي مارڪيٽن کي رسندڙ  سبب ھن تي اعتماد نھ ڪيو.اھڙو اظھار اتحادين ووٽن رستي ڪيو،جنھن کانپوءِ وزيراعظم جي استعيفيٰ واري صورتحال پيدا ٿي.

پرڏيهي خابرو اداري ”رائٽرز“  رپورٽ موجب صدر سرجيو ماتاريلا جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته  وزيراعظم جي استعيفيٰ قبول ڪئي وئي آهي، جڏهن ته کيس نگران عهدي تي ڪم جاري رکڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي.بهرحال،صدر جي آفيس پاران جاري ڪيو بيان ۾ اھا وضاحت ناھي ٿيل تھ ان بعد صدر ڪھڙو قدم کڻندو، پر سياسي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ جو صدر ھلندڙ  هفتي اسيمبلي کي ٽوڙي سگهي ٿو ۽ آڪٽوبر ۾ نين چونڊن جو اعلان متوقع آھي.

ٻئي پاسي صدر  پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي اسپيڪرن سان ملاقات ڪري رھيو آھي.اٽلي ۾ اتحادي ڌر وارن  اربع ڏينھن  ان وقت ڌار ٿي وئي ھئي  جڏهن وزيراعظم جي ٽن اهم اتحادين اعتماد جي ووٽ کي رد ڪري ڇڏيو، وزيراعظم سياسي ڌرين ۾ اھڙي تڪرار کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ڪامياب نھ ٿي.ملڪ جي سياسي بحران سبب ڪجهه مهينن کان ملڪ سياسي بي يقيني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي. دوران وزيراعظم يوڪرين تي روسي حملي ۽ ملڪ جي مالياتي مارڪيٽن تي حملي خلاف يورپي ڌرين طرفان سخت ردعمل  ۾ خاصي مدد ڪئي.

ٻئي طرف، اٽلي بانڊ ۽ اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ خميس ڏينھن تيزي سان وڪرو ٿيا آهن ڇاڪاڻ جو  مارڪيٽ 2011 کان پوءِ  يورپي مرڪزي بئنڪ جي پاران پهريون ڀيرو وياج  جي شرح ۾ واڌ ٿي آھي. ايل سي ميڪرو ايڊوائزرز جي سربراهه ۽ اٽلي جي  ناڻي واري وزارت جي ھڪ اڳوڻي سينئر آفيسر موجب اهي پاليسيون ۽ سڌارا اٽلي جي صلاحيت لاءِ هڪ وڏو ڌڪ  آھن ان ڪري وقت کان اڳ چونڊن ۾ دير ٿيندي ۽ شايد سال جي آخر تائين بجيٽ نھ ھوندي.

وزير اعظم گذريل هفتي ئي استعيفيٰ ڏئي چڪو هو ڇاڪاڻ جو  هو پنهنجي هڪ  اتحادي پاپولسٽ  5-اسٽار موومينٽ  کي مھانگائي کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪيل فيصلن تي اعتماد ۾ وٺڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ھو.پر صدر،سندس استعيفي کي رد ڪري ڇڏيو ۽صدر کيس پارليامينٽ کان رجوع ڪرڻ جي لاءِ چيو ھو.صدر جو چوڻ ھو تھ ھو ايوان ۾ وڃي ڏسي تھ ڇا 2023 جي شروع تائين پارليامينٽ جي ختم ٿيڻ تائين اتحاد قائم رکڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا نٿو ٿئي ؟

سينيٽ کي خطاب ڪندي وزيراعظم اتحاد قائم رکڻ جي  اپيل ڪئي ۽ چيو ھو تھ يوڪرين جي جنگ سبب جنم وٺندڙ مسئلن جي لاءِ سماجي فرق  ۽ وڌندڙ اگهن بابت ھن پنھجا ويچار ايوان ۾ پيش ڪيا ھئا.پر سندس اتحادي فائيو اسٽار موومينٽ هڪ ڀيرو ٻيهر وزير اعظم جي پٺڀرائي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو.ٻئي طرف ساڄي ڌر جي فورزا اٽاليا ۽ ليگ پارٽين چونڊن کان پري رهڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته هو چاهين ٿا ته وزيراعظم 5 اسٽار کان سواءِ نئين ڪابينا ٺاهي ۽ نئين پاليسي سان ڪم ھلائي..

ملڪ ۾ چونڊن  جي ويجھي اچڻ سان اھڙا سياسي مسئلا پيدا ٿين ٿا چيو ٿو وڃي تھ ايندڙ چونڊن ۾  قدامت پسند بلاڪ، جنهن ۾ ساڄي ڌر وارا  شامل آهن، امڪاني طور تي ايندڙ چونڊن ۾ ڪامياب ٿي سگھن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.