نوازشريف مرڪز ۾ حڪومت ڇڏڻ ۽ وقت کان اڳ چونڊن جو حامي

لنڊن ( م ڊ ) پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ملڪ ۾ وقت کان اڳ عام چونڊن جي حمايت ڪري ڇڏي.ذريعن تصديق ڪئي آهي ته نواز شريف پارٽي جي سينيئر قيادت کان مرڪز ۾ حڪومت ڇڏڻ واري آپشن تي ڳالهيون ڪيون آهن، نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف سميت پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ۽ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ سان ڪيئي ڀيرا ان معاملي تي ڳالهيون ڪري چڪو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته نواز شريف صلاح ڏني آهي ته حڪومت ۾ وڌيڪ رهڻ مسئلن کي حل ڪرڻ بدران وڌيڪ مسئلا پيدا ڪرڻ جو اشارو ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت کي سمورن رياستي ادارن کان حقيقي حمايت حاصل هئڻ گهرجي ها.ذريعن موجب آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سميت پي ڊي ايم اڳواڻ هنيئر تائين حڪومت ڇڏڻ واري سوچ جي مخالفت ڪئي آهي پر پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير بڻائڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد اهو امڪان نظر اچي رهيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف پنهنجي پارٽي اڳواڻن کي ٻڌايو آهي ته عمران خان جي بي اعتمادي رٿ ۾ برطرفي کانپوءِ شهباز شريف جي حڪومت لاءِ شروع کان رنڊڪون  وڌيون ويون هيون، اختيار نه هئڻ جي صورت ۾ حڪومت ۾ رهڻ سان پارٽي کي نقصان ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.