عدالتي سڌارن لاءِ ٺهراءُ منظور، 19هين ترميم پ پ حڪومت جي غلطي هئي: بلاول

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي عدالتي سڌارن لاءِ گڏيل پارلياماني ڪميٽي جي قيام جو ٺهراءُ متفقه طور تي منظور ڪري ورتو،قرارداد ن ليگ جي سينيٽر ۽ وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ پيش ڪئي، ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته قانون جي منظوري ۽ آئين ۾ ترميم رڳو پارليامينٽ جو حق آهي، آئين، انتظاميا، پارليامينٽ ۽ عدليه وچ ۾ اختيار ورهائي ٿو، رياست جو ڪو به ٿنڀو هڪ ٻئي جي اختيارن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي، متن مطابق آرٽيڪل 175 اي تحت اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري جي توثيق به پارليامينٽ جو اختيار آهي، پارليامينٽ عوامي امنگن جي نمائنده آهي جيڪا ڪنهن اداري کي پنهنجا اختيار اورانگهڻ جي اجازت نه ڏيندي.

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 1973ع جو آئين ملڪ جي وحدت جي علامت آهي، آئين تحت پارليامينٽ ۽ عدليه سميت سمورن ادارن کي اختيار ۽ ان جو ڪردار متعين آهي، پاڪستان کي عظيم تر بڻائينداسين ۽ فسطائيت جو ڄمي ڪري مقابلو ڪنداسين، اهو سِر ڪٽجي سگهي ٿو پر ڪنهن اڳيان جُهڪي نٿو سگهي، جيستائين پارٽي ۽ عوام جو اعتماد حاصل آهي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪندا رهنداسين. مشڪل ترين حالتن ۾ اتحادي جماعتن جي اِصرار تي سياست کي بچائڻ بجاءِ رياست کي بچائڻ لاءِ وزيراعظم جو منصب قبول ڪيو، جيڪو 8 سال تائين ڏينهن رات چور ۽ ڌاڙيل جو راڳ آلاپيندو رهيو پر هو هڪ پئسي جي به ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو، قومي اسيمبليءَ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته  ڇا اسان چور دروازي مان آيا آهيون، لکين ماڻهو بيروزگار ۽ بي گهر ٿي ويا، منهنجي سيني ۾ گهڻا راز دفن آهن ۽ اهي قبر تائين دفن رهندا،75 سال گذري ويا اڄ تائين اسان پنهنجو رستو متعين ناهي ڪيو، حق ۽ سچ جي ڳالهه اڄ نه ته ڪڏهن ڪنداسين؟ فيصلو انصاف جي بنياد تي ڪرڻو پوندو، هن چيو ته  سڄي پاڪستان ۾ طوفاني برساتن تباهي مچائي آهي، بلوچستان، سنڌ، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ چترال سميت ٻين علائقن ۾ بي پناهه جاني نقصان ٿيو. هن چيو ته ان صورتحال کان مخلوط حڪومت پوريءَ طرح آگاهه آهي،

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 19هين ترميم کي منظور ڪرڻ پ پ حڪومت جي غلطي هئي، اسان کي ڌمڪي ڏني وئي ته 19هين ترميم پاس ڪريو نه ته ارڙهين ترميم اڏائي ڇڏينداسين، اسان ڌمڪي ۾ اچي وياسين ۽ 19هين  پاس ڪري ورتي، قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ان وقت اسان جي حڪومت کي ڌمڪي ڏيندڙن آڏو بيهڻ گهرجي ها، ايئن نٿو ٿي سگهي ته اسان لاءِ هڪ آئين ۽ لاڏلي لاءِ ٻيو آئين هجي، اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه جو ڪردار تڪراري نه هئڻ گهرجي، 58ٽوبي صدر وٽ ناهي، نئين 58 ٽوبي عدالت وٽ هلي وئي، هن چيو ته ڇا هڪ رات جي نيوٽرل ٿيڻ سان 70 سالن جا گناهه يا آئين شڪني معاف ٿي ويندي، بلاول مطالبو ڪيو ته عدالتي سڌارن لاءِ گڏيل پارلياماني ڪميٽي بڻائي وڃي، پ پ عدالتي سڌارن لاءِ تيار آهي، هن چيو ته اسان ايڪس واءِ ڪري ڪنهن اداري کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيا هئاسين ته اسان جي مرضي جو فيصلو ڪريو نه ته اسان خدانخواسته ڪيترا حصا ڪري ڇڏينداسين، اسان رڳو ايتري گذارش ڪئي هئي ته جڏهن هڪ ادارو ٻئي اداري جي باري ۾ فيصلو ڏئي رهيو آهي ته پوءِ فل ڪورٽ جي بئنچ ويهي فيصلو ڏئي، هن چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هڪ نيڪسز پيدا ٿيو آهي ته ڪيئن هن ملڪ کي واپس ان پوائنٽ تي آڻيون ته ڪنٽرولڊ جمهوريت هلائن، عدليه جو ڪم آئين جي تشريح آهي، ترميم نه، هن چيو ته نوازشريف جڏهن وزيراعظم هو ته ان وقت به اسان ڏٺو ته آئين جا فيصلا ” ٻئي ڪٿي“ ٿي رهيا هئا، ان وقت به عدالت جو ڪردار مناسب نه هو، 2018ع جي چونڊن ۾ ان وقت چيف جسٽس ثاقب نثار اسان خلاف اليڪشن مهم هلائي رهيو هو، هڪ سليڪٽڊ نظام ويهارڻ لاءِ اسان جا ادارا تڪراري ڪردار ادا ڪري رهيا هئا، هن چيو ته ڇا شهبازشريف وٽ جادو جي لٺ آهي جو چئن سالن جو جمهوري، معاشي ۽ معاشرتي بحران 3 مهينن ۾ حل ٿي وڃي، اسان کي عوام کي سمجهائڻو پوندو ته جيڪو گند چئن سالن ۾ گڏ ٿيو آهي اهو ٽن مهينن ۾ ختم نٿو ٿي سگهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.