اڳ جهانگير ترين ۽ هاڻي ملڪ رياض جو جهاز هر وقت حاضر

لاهور (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد پرويز الاهي رات جو لاهور کان اسلام آباد ملڪ رياض جي ان جهاز ۾ چڙهي  پهتو جنهن جهاز  ۾ فرح گوگي سوار ٿي دبئي فرار  ٿي وئي آهي. اڳ جهانگير ترين جو جهاز اهڙن ڪمن لاءِ اڏامندو هو ۽ هاڻي ملڪ رياض جو جهاز اڏامون ڪري رهيوآهي. نامياري صحافي عدنان حسين جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي کي علوي صدر وڊيو لنڪ ذريعي حلف کڻائڻ  جو چيو پر اوچتو ملڪ رياض جو جهاز پهچي ويو ۽ پرويز الاهي کڻي اسلام آباد پهچي ويو.

عدالت ۾ سماعت ۽ ڳجهي هنڌ اهم گڏجاڻي هلندڙ هئي

اسلام آباد (تبصرو: ظفر نقوي) سپريم ڪورٽ ۾ پرويز الاهي جي درخواست تي هر هر وقفي ۽ فيصلي ۾ دير جا ڪارڻ بيان ڪندي صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته جڏهن سماعت هلي رهي هئي عين ان وقت ڪنهن ڳجهي هنڌ سياسي ۽ غيرسياسي شخصيتن جي اهم گڏجاڻي هلي رهي هئي ته آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرايون وڃن، جتي ن ليگ ڪجهه شرط رکيا انهن ۾ اهم شرط هئا ته نواز شريف جا ڪيس ختم ڪيا وڃن، تاحيات نااهلي ختم ڪري کيس چونڊ مهم هلائڻ ۽ چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي، مريم نواز جو ڪيس ختم ڪري کيس چونڊ وڙهڻ ۽ مهم هلائڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ ڪجهه ٻيا به شرط هئا پر ن ليگ جا شرط نه مڃيا ويا ته آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرائڻ کان به ن ليگ صاف انڪار ڪيو. گڏجاڻي ڊگهي ٿي وڃڻ سبب فيصلي ۾ دير ٿي جيئن ئي گڏجاڻي ختم ٿي ته عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

آصف زرداري جو اسٽيبلشمينٽ سان هڪ هڪاڻي جو فيصلو

لاهور (تبصرو: معظم فخر) اڳوڻي  صدر آصف علي زرداري سان دبئي ۾ ميان نواز شريف جي فون تي تفصيلي ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻول ٿي آهي. جنهن کانپوءِ  آصف علي زرداري لاهور پهچي مورچو سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نامياري صحافي معظم فخر جوچوڻ آهي ته آصف علي زرداري پهچڻ شرط چوڌري شجاعت سان ملندو. ان ملاقات ۾ طئه ٿيندو ته (ق) ليگ جي ايم پي ايز کي اليڪشن  ڪميشن ذريعي نااهل  ڪرائجي يا پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻجي ۽ (ق) جا ايم پي ايز حمزا شهباز کي ووٽ ڪن، آصف علي زرداري هن وقت پاڪستان جي پارلياماني سياست جو گرو بڻجي چڪو آهي.  ان وٽ ڪي ٻيا ڪارڊ به ٿي سگهن ٿا جيڪي جڏهن کيڏندو ته خبر پوندي ان کان اڳ اندازو لڳائڻ به مشڪل  آهي. سمجهه ۾ اهو به  اچي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ سان به آصف علي زرداري هڪ هڪاڻي ڪندو،جنهن بابت نواز شريف ۽سندس ۾ به ڪجهه  ضرور طئه ٿيو هوندو. ان سموري صورتحال  مان محسوس ٿئي ٿو ته پرويز الاهيءَ لاءِ ايندڙ هفتو انتهائي اهم آهي ۽ آصف علي زرداري ڪاهوش اڏائيندڙ خبر به ڏئي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.