سوڀو ديرو پوليس پاران ٻه ڄڻا هاف فراءِ ، مقابلي جي دعويٰ

سوڀوديرو (ن ع آ) سوڀو ديرو لڳ  نواڙو سمي روڊ سان نامعلوم ھٿيار سنگين ڏوھ جي ارادي سان بيٺل آھن مون ڦورن پوليس فورس ساڻ  کنيو ۽ سڳيون چوڪي انچارج سھراب شر کي ناڪابندي جو حڪم ڏنو جڏھن اسان سرڪاري گاڏي تي نواڙو سمي روڊ بمي حطار جي مانڊول وٽ پھتاسون ته ڏوھارين پوليس پارٽي تي سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني دوبدو مقابلي ۾ ٻه بدنام ڏوھاري جن پنھنجا نالا ساتھي  ولد ضمير جتوئي ويٺل ضلع قمبر شھدادڪوٽ ۽ فراز علي ولد ديدار حسين سولنگي ويٺل ھٽڙي غلام شاھ ضلع لاڙڪاڻو ٻڌايو آھي جن کي ٻن سٽلن ۽ ون ٽوفاء موٽرسائيڪل سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آھي ۔ گرفتار ٿيل زخمي ڦورن ٻڌايو ته اسان سان گڏ ٽيون ڦورو عمران ولد شمن شيخ  ويٺل ٽنڊو مير ڪرم خان لڳ سوڀوديرو اسان کي زخمي ڏسي اسان کي ڦٽو ڪري ڇڏي  پسٽل سميت  فرار ٿي ويو۔ ايس ايڇ او سوڀوديرو اميرعلي چانگ ٻڌايو ته زخمي ڦورن مٿان ضلع خيرپور جي سوڀوديرو سميت مختلف ٿاڻن ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪيس پڻ  داخل آھن وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون۔ زخمي ڦورن مٿان سرڪار پاران اي ايس آء سھراب شر جي فرياد تي سوڀوديرو ٿاڻي تي ھرھڪ جوابدار ساتھي جتوئي۔فراز سولنگي ۽ عمران شيخ خلاف پوليس مقابلي ۽ ناجائز غيرقانوني ھٿيار 13 ڊي جا ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا۔ ايس ايڇ او سوڀوديرو امير علي چانگ ٻڌايو ته منھنجي سوڀوديرو ٿاڻي تي پوسٽنگ کي ڪل ويھ ڏينھن ٿيا آھن مون راڻيپور مان اغوا ٿيل ھندو معصوم نينگر آديش ڪمار کي اغوا ڪندڙ مک جوابدارن کي پوليس مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ آديش ڪمار جي اغوا ۾ استعمال ٿيل ون ٽوفاء موٽرسائيڪل سميت گرفتار ڪيو ۽ منھنجي پوسٽنگ کان  اڳ سوڀوديرو ٿاڻي جي حد مان ڦر ٿيل ڇھ موٽرسائيڪلون ھٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪيون آھن ۽ منشيات فروشرن کي منشيات سميت گرفتار ڪري جيل ڀڙو ڪيو آھي۔ ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال جي حڪم تي ڌاڙيلن ڦورن۔منشيات فروشرن ۽ سماج دشمن عناصرن خلاف ڪاروايون جاري آھن اھڙن عنصرن کي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ امن امان بحال ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.