پرويز الاهي نااهل ٿي سگهي ٿو: سليم مانڊوي والا نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته چوڌري شجاعت حسين ريفرنس فائل ڪري ته چوڌري پرويز الاهي نااهل ٿي سگھي ٿو.

پنهنجي بيان ۾ سليم مانڊوي والا چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اهم نڪتن تي مشاورت جاري آهي، پارٽي هيڊ طور چوڌري شجاعت اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري سگھي ٿو.

هن چيو ته پرويز الاهي ۽ پارلياماني ليڊر سوڌو سمورن ميمبرن پارٽي هيڊ سان بغاوت ڪئي، حڪومتي اتحاد مختلف آپشنز تي غور ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.