نوجوان نسل جي ڳڻتي، سگريٽن تي پابندي لاءِ نوان قانون پيش

سڄي دنيا ۾ پهريون ڀيرو اهڙي قانون سازي متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن جو مقصد ايندڙ نسل لاءِ سگريٽ خريدڻ قانوني طور ناممڪن بڻائڻ آهي.

26 جولاءِ تي نيوزيلينڊ حڪومت نوان قانون پيش ڪيا جن جي مدد سان سگريٽ خريدڻ جي عمر ۾ ايتري واڌ ڪئي ويندي جو نوجوان قانوني طور تي سگريٽ نه خريد ڪري سگهندا.

عمر جي حد ۾ واڌ سان گڏوگڏ سگريٽ ۾ نڪوٽين جي مقدار ۾ ڊرامائي حد تائين گهٽتائي ڪئي ويندي جڏهن ته اهي عام دوڪانن تي بدران مخصوص ٽوبيڪو اسٽورز ۾ وڪرو ٿيندا.

اهڙن قانونن تي پارليامنٽ ۾ بحث ڪيو ويندو ۽ حڪومت طرفان چيو ويو آهي ته دنيا ۾ پهريون ڀيرو اهڙي قسم جا قانون متعارف ڪرايا پيا وڃن.

نيوزيلينڊ جي صحت واري وزير عائشه ورال نوان قانون پيش ڪندي چيو ته ڏهاڪن کان اسان ٽوبيڪو ڪمپنين کي مارڪيٽ شيئر برقرار رکڻ جي اجازت ڏني هئي، اهو کل جوڳو عمل هو، هاڻ اسان نيوزيلينڊ ۾ وڌيڪ قانون لاڳو ڪنداسين جن پٽاندڙ سگريٽ بدران ان جي وڪري تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي.

پارليامان ۾ بل متعارف ڪرائڻ کانپوءِ ان جي منظوري پارلياماني ڪميٽي ڏيندي جنهن کانپوءِ ايندڙ مرحلي ۾ پارليامنٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

جتي پارليامنٽ ميمبر ماهرن ۽ عوامي راءِ ٻڌندا ۽ اميد آهي ته سال 2023ع ۾ اهو لاڳو ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.