سنڌ ۾ منشيات  ۽ نوجوان نسل جو مستقبل

محمد حسن سومرو

 

ڪافي وقت کان سنڌ ۾ منشيات ھلندڙ آھي، جنھن ڪري نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو  آھي، جيتوڻيڪ سرڪار ي انگن اکرن ۾ منشيات جي ڪاروبار م ملوث ڌرين خلاف وڏي پئماني تي ڪارروايون ٿيون آھن، ان ھوندي بھ اھو ڪاروبار بند ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي جڏھن تھ منشيات جي واھپي سبب ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿي رھيون آھن، جنھن ۾ ڪينسر جھڙي خوفناڪ ۽ خطرناڪ بيماري اھم آھي،ڪينسر جا ڪيترا ئي قسم منشيات جي ڪري پيدا ٿين ٿا. مشھور ڊاڪٽر  اديب الحسن رضوي جو چوڻ آھي تھ  جيڪو شخص، مرد يا عورت ھڪ ڀيرو گٽڪي واپرائي ٿو،تنھن جي جسم ۾ ڪينسر جا جزا پيدا ٿي وڃن ٿا، ان کان علاوه  وات جو ڪينسر بھ عام جام آھي.آمريڪا ڪينسر سوسائيٽي  مطابق 80 سيڪڙو ڦڦڙن جي ڪينسر سگريٽ نوشي جي ڪري پيدا ٿيندي آھي. جنھن ۾ موت جو خطرو  سئو سيڪڙو ھوندو آھي. ڇاڪاڻ  جو ڦڦڙن جو تعلق سڌي ريت ساھ سان ھوندو آھي ۽ جيڪڏهن ساھ کڻڻ وارو سسٽم ئي ناڪاره ٿي وڃي ته پوءِ ان ماڻھو جو زنده رھڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويندو آھي.

ڪراچي مان شايع ٿيندڙ ھڪ مقامي اخبار پنھنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي تھ سنڌ جي ٺٽي ضلعي ۾ صرف ھن ھلندڙ سال مارچ جي مهيني ۾ وات جي ڪينسر جا 1180 ڪيس  آڏو آيا آھن، جنھن جو ڪارڻ صرف ۽ صرف منشيات جو استعمال آھي، ھي ان  ضلعي جي صورتحال آھي جيڪو ترقي جي لحاظ کان گھڻو پوئتي پيل آھي، سڄي سنڌ جي حالت ڏٺي وڃي تھ ڪراچي کان ڪشمور تائين منشيات کلي عام وڪرو ٿي رھيو آھي ۽ نشي ڪندڙ ماڻھو روڊن، رستن تي ٽولين ۾ نظر اچن ٿا.پر تڏھن بھ قانون  حرڪت  ۾ نٿو اچي.

منشيات جو کلي عام ڪاروبار سنڌ جي امن امان کي بھ وڏي حد تائين نقصان پهچائي رھيو آھي،نشئي پنھنجي صرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ چوري ڪرڻ کان بھ نھ گسندا آھن. دڪانن يا ڪيبنن جا شٽر ٽوڙي پئسا ڪڍڻ توڙي پنھنجن يا ٻين جي  گھرن مان سامان کڻي وڪرو ڪرڻ بھ ھنن جو روز جو معمول بڻجي ويندو آھي، منشيات جھڙي وبا جي ڪري سومھڻي جي نماز کانپوءِ گھر کان ٻاھر نڪرڻ بھ مشڪل ٿي ويو آھي، ڳوٺن ۾ نشي جي عادت رکندڙن جي ڪري نھ ڪنھن نياڻي جي عزت محفوظ آھي نھ ئي وري ڪنھن بزرگ جو ڪو احترام باقي بچيو آھي.ان کان علاوه نشي جي حالت ۾ گاڏي ھلائڻ ڪري ھر روز ڪيترائي حادثا پڻ ٿيندا رھندا آھن. ڪيترن  ئي گھرن ۾ان منشيات جي ڪري  روز ماتم ٿئي ٿو.

نشائي ماڻھون نھ رڳو پاڻ جي لاءِ پر ٻين جي لاءِ پڻ وڏو خطرو ٿي پيا آھن، جنھن کي روڪڻ لازمي آهي.

نارڪوٽڪس جي رپورٽ موجب منشيات سنڌ ۾ تيار نه ٿيندي  آھي بلڪھ سنڌ کان ٻاھر ھتي پھچندي آھي،رپورٽ موجب ان جا چار  رستا  آھن،جنھن ۾ حب بارڊر، بلوچستان کان دادو وارو رستو، پنجاب کان ڪشمور وارو رستو ۽ ٺٽي واري سامونڊي پٽي وارو رستو .جيتوڻيڪ سرڪار جا لاڳاپيل کاتي جا عملدار سرگرم ھوندا آھن، تنھن ھوندي بھ اھا منشيات ھتي پھچي ٿي وڃي.اھا منشيات  سنڌ جي نوجوانن کي ذھني طور ڪمزور ڪري سنڌ جي مستقبل کي تباھھ ڪري رھي آھي.

سوال اھو پيدا ٿئي ٿو جيڪڏهن ادارن کي ۽ حڪومت کي اھا خبر آھي تھ منشيات ڪٿان ۽ ڪيئن سنڌ ۾ داخل ٿي رھي آھي تھ پوءِ  ان کي روڪڻ جي لاءِ ڪي اھڙا جوڳا قدم ڇو نٿا کنيا وڃن.جو اھا منشيات ھتي پھچي ئي نھ سگھي.آخرڪار ڪيستائين سنڌ جي برباديءَ جو اھو تماشو جاري رھندو؟ يا عوام اھو سمجھي تھ سنڌ کي برباد ڪرڻ ۾ ۽ منشيات فروشن کي کلي ڇوٽ ڏيڻ ۾ حڪومت جو بھ  ھٿ آھي؟

منشيات ڪٿان بھ اچي پر نقصان سنڌ جو ئي ٿي رھيو آھي، نوجوان سنڌ جو ئي مفلوج ٿي رھيو آھي، امن امان  سنڌ جو ئي خراب ٿي رھيو آھي. تنھنڪري اھو ضروري آھي تھ منشيات جي ان  عام ڪاروبار کي جلد روڪيو وڃي، اھڙو قانون ٺاھيو وڃي جيئن منشيات ھلائڻ وارا، منشيات جي ڪاروبار ڪرڻ وارا ان جي گرفت ۾ اچي سگھن.سنڌ کي بچائڻ جي لاءِ سنڌ جي شعور کي زنده رکڻ لاءِ ھن خطرناڪ عمل کي روڪڻ انتھائي لازمي آھي.

سنڌ جي نوجوان جي تعليم اڳي ئي تباھ ٿي چڪي آھي مٿان وري ھي منشيات سنڌ ۾ اھڙي اُڏوھي جيان سنڌ ۾ داخل ٿي چڪي آھي جنھن آھستي آھستي سنڌ کي ناس ڪري ڇڏيو آھي.سنڌ حڪومت توڙي سمورن  ادارن جو اھو اخلاقي ۽ معاشرتي فرض آھي ته ھو نشي جھڙي لعنت کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جي لاءِ جوڳا قدم کڻن جيئن سنڌ توڙي سنڌ جي مستقبل کي بچائي سگھجي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.