عمران خان جي مقبوليت ۾ واڌ، حڪومت جا آرمي چيف مقرري تائين وجود برقرار رکڻ لاءِ جتن

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا حامي وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو ڪري رهيا آهن، ڪجهه ماهرن جو به اهو چوڻ آهي ته پاڪستان کي هن وقت جيڪو سياسي ۽ معاشي بحران درپيش آهي ان جو حل وقت کان اڳ چونڊون ئي آهن، پي ٽي آءِ پاران پنجاب ۾ وڏو وزارت جي چونڊ هارائڻ کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي انتشار وڌيڪ گهرو ٿي ويو آهي، ڊي ڊبليو مطابق پي ٽي آءِ پنجاب معاملي تي ملڪ گير احتجاج ڪيو، عمران خان جي پارٽي جي ڪجهه گذريل مهينن دوران ملڪ ۾ پيش آيل واقعن کانپوءِ مقبوليت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ مليڪه بخاري ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته وقت کان اڳ چونڊن جو ڪي پي ٽي آءِ جو گهڻي عرصي کان مطالبو آهي، خاص طور تي جڏهن پنجاب ۾ سياسي بحران سنگين ٿيندو وڃي، سمورا معاشي اشارا ناڪاري آهن، اڳتي وڌڻ جو ٻيو ڪو رستو ناهي، واشنگٽن ۾ قائم وڊورو ولسن انٽرنيشنل سينٽر فار اسڪالرز سان لاڳاپيل ڏکڻ ايشيائي معاملن جي ماهر مائيڪل ڪوگلمين مطابق چونڊون بنيادي اهميت رکن ٿيون، پر جيڪڏهن آزاد ۽ شفاف هجن ته، جيڪڏهن چونڊن کي اعتبار جوڳو سمجهيو وڃي ٿو ته سياسي بحران ۾ گهٽتائي ايندي، ڇو ته هڪ جائز سمجهي ويندڙ حڪومت جي موجودگي استحڪام جو سبب بڻجندي ۽ معاشي بحران ۾ به گهٽتائي ايندي، نيلوفر صديقي آمريڪا جي سني الباني يونيورسٽي ۾ پوليٽيڪل سائنس جي پروفيسر آهي، هوءَ چوي ٿي ته موجوده صورتحال کي ڏسندي ان ڳالهه جا وڌيڪ امڪان نظر اچي رهيا آهن ته عمران خان ۽ هن جي پارٽي تحريڪ انصاف کي ڪاميابي حاصل ٿيندي، جيڪڏهن چونڊون هن سال منعقد ٿين، خاص طور تي پنجاب ۽ ڪي پي صوبن ۾ ، پي ٽي آءِ هلندڙ سال جي شروعات جي ڀيٽ ۾ بي اعتمادي رٿ کانپوءِ هاڻي چونڊ حوالي سان گهڻي مضبوط آهي، ڪوگلمين چيو ته وقت کان اڳ چونڊون فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿيون پر اهي گهڻو جلدي به منعقد نه ڪرايون وڃن، ڀلي حڪومت کي پنهنجو وجود برقرار رکڻ ۾ جيتري به مشڪل پيش اچي رهي آهي، پوءِ به هلندڙ سال جي آخر تائين موجود رهڻ جي ڪوشش ڪندي، جڏهن نئين فوجي سربراهه جي مقرري ٿيڻي آهي، آرمي چيف جي طاقت جي پيش نظر اهو معاملو اهم آهي ۽ موجوده حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهيندي ته نئون فوجي سربراهه عمران خان ڏانهن جهڪاءُ نه رکندو هجي، هن چيو ته عمران خان وڏي چونڊ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو، پر اهو لازمي ناهي، پاڪستاني سياست جي باري ۾ توهان ڪجهه نٿا چئي سگهو، سڀ کان اهم حيثيت فوج کي حاصل آهي، جيڪڏهن عمران خان فوج جي مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان سان چونڊن ۾ هن جي نقطه نظر کي نقصان پهچندو، مليڪه بخاري چيو ته موجوده وزيراعظم کي عمران خان جي وڌندڙ مقبوليت جو اندازو آهي، انهي ڪري هو ڄاڻي واڻي چونڊن کي اينگهائي رهيو آهي، شهبازشريف چونڊن جي اعلان ۾ ديرڪري رهيو آهي، کيس خبر آهي ته هو انتهائي غيرمقبول آهي، عوام عمران خان جي حڪومت کي تبديلي ذريعي ڪڍڻ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب تازي ننڍي چونڊ ۾ شريفن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، نيلوفر صديقي چيو ته سياسي افراتفري پاڪستان جي معيشت کي سخت متاثر ڪيو آهي، عمران خان جي موثر بيانئي ۽ اقتصادي بحران حڪومتي جماعتن کي گهڻو متاثر ڪيو آهي، هن چيو ته تازي ٻوڏ ملڪ جي انفراسٽرڪچر ۽ حڪومتي مسئلن کي وڌيڪ واضح ڪري ڇڏيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.