پي ٽي آءِ عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ملڪي عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. پي ٽي آءِي پاران سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري تي حملو  عدالت تي حملو تصور ڪيون ٿا. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ غنڊاگردي ۽ بدمعاشي ڪري ادارن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي. گذريل پنجن سالن کان عمران خان پنهنجي مرضي جا فيصلا ورتا آهن. افسوس جي ڳالھ آهي ته عمران خان کي ڪوڙو صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ مليو آهي. صوبائي وزير چيو ته بي آر ٽي تي به کين اسٽي آرڊر مليل آهي. عمران خان کي بني گالا جي غير قانوني تعمير جي به اجازت ڏني وئي. ھن چيو ته   ملڪ مان هاڻي لاڊلاازم جو خاتمو ٿيڻ گھرجي. قانون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گھرجي. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اها ئي روايت رهي ته جنهن جي لٺ ان جي مينهن ته ڇا پوءِ اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ته هاڻي هر ڪوئي لٺ هٿ ۾ کڻي؟ انصاف جون گھرجون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گھرجن. پاڪستان ۾ عمران خان جي لاءِ الڳ قانون آهي ۽ باقي عوام جي لاءِ الڳ قانون آهي. عمران خان پاڻ کي قانون کان مٿانھون سمجھي ٿو.  عمران خان ۽ پي ٽي آئي کي 100 قتل به معاف آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جا اتحادي ملڪ مان لاڊلا عزم جي خاتمي ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.