سن ڀرسان زمين جي مالڪي تان جهيڙو، 7 ڄڻا زخمي، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

مانجهند  (رپورٽ : بابو عمراڻي)سن ڀرسان سائين جي ايم سيد جي وڏي پوٽي سيد بدرالزمان شاه سندس پٽ ايس يو پي اڳواڻ سيد منير حيدر شاه تيز برساتي وهڪرن سبب ٽٽي ويل سندس زمين مان  ويندڙ پهريونواٽر لنڪ روڊ  کي ٻڌرائي 20 ڳوٺن جو زميني رابطو  بحال ڪرائڻ تان مڇرجي  کوسا برادري جي ماڻھن  انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي  سيد خاندان جي حامين  مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾  رشيد شاهاڻي الهورايو شاهاڻي سلطان شاهاڻي  سيد شبير شاه غلام رسول ملاح ع عارب  شاهاڻي  شريف شاهاڻي سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي سن هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو جتان 3 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين ريفر ڪيو ويو  ويو مڇريل ماڻھن سيد بدرالزمان شاه ۽ منير حيدر شاه جي ويگو گاڏي جا شيشا پڻ ٽوڙي ڇڏيا جنهن ۾ گاڏي ۾ موجود ٻئي ڄڻا محفوظ رهيا مظاهرين   ٽن مسافر ڪوچن 5 موٽر سائيڪلن کي لٺيون هڻي ٽوڙ ڦوڙ ڪئي   صحافين ۽ پوليس تي  به پٿراء ڪري کين ڀڄايو ويو  5 ڪلاڪن کان پوء ايس ايس پي ڄامشورو واقعي واري هنڌ پهچي ڌرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو جڏھن ت پوليس پڪٽ قائم ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ   سيد منير حيدر شاه ميڊيا کي ٻڌايو ت  سندن  سروي زمينن تي  ڪيترن ئي ڳوٺن کي ملائيندڙ  پهريون واٽر  لنڪ روڊ ٻڌرائي بحال ڪرائڻ تي مڇرجي عورتن کي استعمال ڪندي پٿراء گارگند فائرنگ ڪئي هٿياربندن پوليس کي به ڊوڙائي ڇڏيو هي منهنجي زمين تي قبضي جي ڪوشش ۾ عوام جا لنگه لنڪ روڊ بند ڪرائڻ چاهين ٿا فوري طور انهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي طرف شاهاڻي برادري جي عنايت الله شاهاڻي ٻڌايو ت لنڪ روڊ ذريعي سندن 5 ڳوٺن جو سن ۽ ٻين شھرن سان زميني رابطو ڳنڍيل آھي وزير اعلا سنڌ جا ماڻھون سندن زبردستي وفاداريون تبديل ڪرائڻ لاء روڊ رستن تي قبضو ڪرائڻ چاهين ٿا ٻي طرف نامياري شاعر مهر ڊٻائي ٻنهي ڌرين سان ڳالهيون ڪري امن امان برقرار رکڻ جي اپيل پڻ ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.