ڏوڪري ۾ بدامني، شوروم کي کاٽ، ڪيتريون موٽر سائيڪلون چوري

ڏوڪري ( ن ع آ )  ڏوڪري ۾ امن جو پکي اڏامي ويو، ڏوھ روز جو معمول بڻيل آهن ان ڏس گذريل رات کوکر پاڙي مان المعراج موٽر سائيڪل  شوروم جا نامعلوم چور دوڪان جا تالا ٽوڙي هڪ 125 ۽ سي ڊي موٽر سائيڪلون ڪاهي فرار ٿي ويا، پوليس انتظاميا شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه ڪري سگهي. ان موقعي تي شوروم جي مالڪ ايڊووڪيٽ الطاف حسين کوکر، عادل امداد کوکر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات نامعلوم چور دوڪان جا تالا ٽوڙي هڪ 125 ۽ ٻئي سي ڊي موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا آهن. هنن چيو ته پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ناهي ڪري سگهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير چوري ٿيل موٽر سائيڪلون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.