حب ندي پل جو 150 حصو ٻوڏ ۾ لڙهي ويو

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) حب ندي پل جو 150 فٽ حصو ٻوڏ ۾ لڙهي ويو، ،ٻه موٽرسائيڪل سوار لڙهي وڃڻ جا اطلاع آهن،سنڌ ۽ بلوچستان جو رابطو ڪٽجي ويو، هوڏانهن ڪمشنر قلات دائود خان خلجي خبردار ڪيو آهي ته خراب موسم ۽ رابطا روڊ لڙهي وڃڻ سبب مسافر ڪوئيٽا ڪراچي قومي شاهراهه تي سفر کان پاسو ڪن،هن چيو ته لسٻيلي ضلعي ۾ بيله ڪراس ۽ حب چوڪي ۾ لنڊا پل کي ٻوڏ وهڪرن سان نقصان پهتو آهي، قومي شاهراهه تي هر قسم جي ٽريفڪ اچ وڃ لاءِ معطل آهي، لاڳاپيل اختياريون پلين جي مرمت ۾ مصروف آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.