عمران خان سپريم ڪورٽ جو ڪلهو استعمال ڪري رهيو آهي: احسن اقبال

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت ۾ شامل سمورين اتحادي پارٽين عدليه کي گذارش ڪئي آهي ته اها پنجاب جي وڏي وزير جي ٻيهر اليڪشن واري ڪيس جي ٻُڌڻيءَ لاءِ فل ڪورٽ جوڙي وڃي ته جيئن ڪنهن به ڌُر کي فيصلي تي اعتراض جو موقعو نه ملي. سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل سمورين پارٽينپاڪستان جي اعليٰ عدليه آڏو درخواست آندي آهي. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ اندر عدليه ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي، جيڪڏهن عدليه تڪراري بڻجي وڃي ته قانون جي گهرج پوري ناهي ٿيندي. هن چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻن تي ڪيس ٺهيا ۽ اهي قيد ۾ رهيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ڪنهن به ميمبر تي ڪيس بڻجي ٿو ته سندس ضمانت ٿي وڃي ٿي ۽ اسان جا نالا اِي سي ايل ۾ داخل ڪيا وڃن ٿا، جيڪڏهن اسان جا نالا اِي سي ايل مان نڪري به وڃن ٿا ته اعتراض ڪيو وڃي ٿو. احسن اقبال چيو ته مڪاني چونڊن جي حوالي سان حڪم عثمان بزدار ۽ عمران خان نه مڃيا هئا. هن چيو ته ادب سان جيڪو قانون اسان تي لڳي اهو عمران خان تي ڇو نٿو لڳي، ادارن تي حملا ڪرڻ تي به عمران خان خلاف ڪا ڪارروائي نٿي ٿئي. هن چيو ته پوري قوم مطالبو ڪري رهي آهي ته فل ڪورٽ بينچ جوڙي وڃي. احسن اقبال چيو ته اڄ اسان جنهن هنڌ تي بيٺا آهيون ان جو بنياد 2017ع جي فيصلي تي آهي. ان فيصلي جي ڪري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو ۽ کيس اپيل جو حق به نه ڏنو ويو. احسن اقبال چيو ته اسان پاڪستان جي عدليه کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران نيازي پنهنجي مفاد لاءِ عدليه جي وقار کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو،احسن اقبال چيو ته اسان سپريم ڪورٽ سان جنگ ناهيون ڪري رهيا پر دفاع ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته عمران خان سياسي فتح لاءِ سپريم ڪورٽ جو ڪلهو استعمال ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.