ڄامشورو ۾ مينهن تباهي مچائي ڇڏي، علائقا ٻڏي ويا، انتظاميا غائب، ڌرڻو

ڄامشورو(رپورٽ: صدر جوڻيجو) ڄامشورو ۾ مينهن تباهي مچائي ڇڏي، شهر جون بازاريون ۽ ڪچيون توڙي پڪيون آباديون مڪمل طورتي پاڻي هيٺ اچي ويون، ڄامشورو ٽائون توڙي ضلعي انتظاميا به متاثرن کي بي يارو مددگار ڪري ڇڏي ڏنو، سوين متاثرن پاران ٽائون ۽ ضلعي انتظاميا خلاف ڌرڻو، ڊي سي ڄامشورو ۽ ايڊمنسٽريٽر ڄامشورو ٽائون تي نااهلي ۽ ڪرپشن جا الزام، کين هٽائڻ جو مطالبو، اڳوڻو ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو به روڊن تي نڪري آيو, مختلف علائقن جو دورو ڪري انتظاميا جي نااهلي تي سخت تنقيد ڪئي ۽ متاثرن جي فوري واهر نه ڪرڻ تي ڌرڻي جو چتاءَ ڏئي ڇڏيو، ڄامشورو ۾ مينهن جي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي آهي, ڄامشورو ۾ رڪارڊ منهن وسڻ سبب شهر جي مختلف بازارن سميت ڪچيون توڙي پڪيون آباديون ۽ ڪالونيون مڪمل طور تي پاڻيء هيٺ اچي ويون آهن جڏهن ته آر بي ڊي او سم نالو اوور ٽاپ ٿي ويو آهي جنهن سبب ان سم نالي ۽ گٽرن جو گندو پاڻي به گهرن ۽ دڪانن ۾ داخل ٿي ويو آهي, جڏهن ته اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء ٽائون توڙي ضلعي انتظاميا پاران به ڪي تصلي بخش اپاءۡ نه ورتا ويا آهن جنهن سبب ڪالھ سوين متاثر شهري انتظاميا خلاف رستن تي نڪري آيا ۽ آر بي او ڊي سم نالي وٽ حيدرآباد ڄامشورو روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ ٻنهي پاسن کان بند ڪري ڇڏيو ۽ ٽائون توڙي ضلعي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي ڊي سي ڄامشورو فريد الدين مصطفي’ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو،  ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ لياقت خاصخيلي, مرتضي’ نائچ, رجب کوکر, نبي داد لغاري, ديدار ڀلائي ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته منهن سبب ڀريا وليج, غريب آباد ڪالوني, سيواڻي محلو, بلوچ ڪالوني, سينڊوز روڊ ۽ شهر جون شاهي بازار, سونارا بازار ۽ ريشم گلي مڪمل طور تي پاڻي هيٺ اچي ويون آهن جنهن سبب نه رهڻ لاء محفوظ جڳهيون رهيون آهن ۽  نه ئي روزگار لاء روڊ رستا صاف سٿرا ٿي سگهيا آهن, هنن چيو ته ٽائون ايڊمنسٽريٽر اصغر يا ڊي سي ڄامشورو فريد الدين مصطفي’ واهر ڪرڻ پري پر فون کڻڻ لاء به تيار ناهن, هنن چيو آهي ته سڄي شهر ۾ منهن جو پاڻي بيٺل آهي انتظاميا صرف نالي ماتر 2 کان 3 پاڻي واريون مشنيون هلائي لکين رپين جا ڪوڙا بل ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهي هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڪرپٽ ڊي سي ڄامشورو فريد الدين مصطفي’ ۽ ٽائون ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ کي هٽايو وڃي ۽ شهر ۽ گهر توڙي گهٽين مان گندو پاڻي ڪيو وڃي, جڏهن ته احتجاج ۾ اڳوڻو ايم پي اي ۽ ڄامشورو اتحاد جو اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر شورو به پهچي ويو جنهن پڻ انتظامي نااهلي جي مذمت ڪندي چيو ته برسات سبب پوري ڄامشورو ضلعي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي ماڻهن کي رهڻ لاء محفوظ جڳهيون ناهن رهيون جنهن ڪري متاثر ماڻهون مجبور ٿي روڊن تي نڪري آيا آهن پر ٽائون توڙي ضلعي انتظاميا پاران متاثرين ماڻهن جي ڪا به واهر ناهي ڪئي وئي, متاثرن سان گڏ ڊاڪٽر سڪندر شورو پڻ مطالبو ڪيو آهي ته متاثر ماڻهن جي فوري مدد ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ بندوبست ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين, هوڏانهن ڄامشورو ٽائون آفيسر پرويز راهپوٽو پڻ ڌرڻي واري هنڌ پهتو ۽ مظاهرين کي خاطري ڪرائي ته برساتي پاڻي جلد نيڪال ڪيو ويندو جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.