سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تحريڪ انصاف جو ردعمل اچي ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته عدالت پڇندي رهي ڪٿي لکيل آهي ته فيصلو پارٽي جو سربراهه ڪندو؟

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته ٻي ڌر جا وڪيل رڳو فل ڪورٽ جي اپيل ڪري رهيا هئا، ڪيس جي ميرٽ تي نه ڳالهائي رهيا هئا، اسان جي موقف جي عدالتي فيصلي تصديق ڪئي، حمزا شهباز کي ان ڪرسي تي ويهڻ جا پهريون به ڏينهن مليا ۽ هاڻ وڌيڪ ڏينهن ملي رهيا آهن، عدالت ان کي وڌيڪ موقعو ڏنو، اميد آهي ته حتمي فيصلو ٿي ويندو.

هن چيو ته هي ٻن ڏينهن کان پريس ڪانفرنس ۾ چئي رهيا آهن ته عدليا سٺي ناهي، اسان کي اميد آهي ته سڀاڻي فيصلو اچي ويندو، فتح سچ جي ٿيندي.

سندس چوڻ هو عدالت پڇندي رهي ته ڪٿي لکيل آهي ته فيصلو پارٽي جو سربراهه ڪندو؟ عدالت انهن کي گھڻو وقت ڏنو پر انهن وٽ ڪو جواب ناهي، انهن کي عدالت آخري موقعو ڏنو آهي.

اسد عمر چيو ته حمزا شهباز پنجاب جو وڏو وزير ڪڏهن نه چونڊيو هو، تحريڪ انصاف آئين ۽ قانون جو احترام ڪرڻ واري پارٽي آهي، اميد ڪريون ٿا ته عدالت حتمي فيصلو ڏيندي.

هن چيو ته دليل ڪو ناهي، رڳو ڳالهه جذبن ۽ سياست جي ٿي رهي آهي، فوج تي حملا ڪيا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.