ميهڙ لڳ گهر مان چوري ڪندي چور سوگهو، تشدد، ويڊيووائرل

ميھڙ  ( ن ع آ )  ميهڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد محمدي ٽائون ٻيٽو روڊ تي 3 نامعلوم چور طالب ولد اسماعيل کوسو جي بند پيل گهر جي ڀت ٽپي گهر ۾ داخل ٿي گهر مان اي جي ايس 120 بيٽري ۽ هڪ ايل سي ڊي چوري ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته موقعي تي پاڙي ۾ راند کيڏندڙ ٻارن چورن کي ڏسي چور چور جو دانهون ڪيون ۽ ميھڙ اي سيڪشن پوليس کي چورن جو اطلاع ڏنو ويو پر ميھڙ اي سيڪشن پوليس ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائڻ لڳا جنهن کانپوءِ پاڙي وارن ۽ کوسا برادري جي ماڻهن ڊوڙائي ڊوڙائي ٻن چورن صفدر پٽ اصغر ڏهوٽ 2 سجاد ولد منظور کوسو کي چورايل ايل سي ڊي سميت پڪڙي مٿان تشدد ڪيو ۽ اھڙي ويڊيو پڻ وائرل ڪئي وئي آھي هڪ چور بيٽري سميت فرار ٿي ويو علائقي واسين ٻنهي چورن کي ميهڙ پوليس حوالي ڪيو ويو آخري اطلاع تائين ميھڙ اي سيڪشن پوليس چورن خلاف ڪو به ڪيس داخل نه ڪري سگھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.