ڪي پي ۽ پنجاب ۾ برسات، راجن پور ۾ ٻوڏ

اسلام آباد( م ڊ) سنڌ وانگر ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به برسات تباهي مچائي ڇڏي. پنجاب ۽ ڪي پي ۾ به برساتون پيون، راجنپور ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي وئي آهي. لاهور ، راولپنڊي، سيالڪوٽ، فيصل آباد، رحيم يار خان ۽ ٻين علائقن ۾ برسات پئي. راجن پور ۾ برسات ۽ سليمان جبل مان نئيون وهي اچڻ سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي وئي. جابلو علائقن جا ڪيئي ڳوٺ ٻڏي ويا، رهواسين لڏپلاڻ ڪئي. ڪيئي علائقن ۾ چوپايو لڙهي وڃڻ جا اطلاع آهن. گلگت ۾ برسات سبب ڇپون ڪرڻ لڳيون آهن، لينڊسلائيڊنگ جو خدشو آهي. برساتن سبب ڪيترائي گهر لڙهي ويا آهن. چترال ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.