اڳوڻي ايس ايس پي ميان جمشيد خلاف مفت ۾ کاڌو گهرڻ جو ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ مشهور برگر چين کي ٽوڙڻ واري اڳوڻي ايس ايس پي ميان جمشيد انعام الله خلاف سرڪاري شڪايت تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. برگر چين جي مئنيجر الزام هنيو ته ريسٽورنٽ پهريان ئي بند هو جڏهن ملزم ڇنڇر جي ڏينھن صبح جو پنج وڳي پهتو. مئنيجر موجب جوابدار زبردستي کاڌو گهريو ۽ انڪار ڪرڻ تي گارڊ کي مارڪٽ ڪئي ۽ عملي کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو. ذريعن موجب اڳوڻي پوليس آفيسر خلاف ڊفينس ٿاڻي ۾ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس جي متن موجب پوليس اهلڪار امجد علي جو چوڻ آهي ته هو گشت تي وڃي رهيا هئا ته  ڌرين ۾ جهيڙو هلي رهيو هو جهيڙي دوران ڌرين هڪ ٻئي تي لٺين، پٿرن، ٺونشن ۽ مڪن جو وسڪاري لائي ڏنو . پوليس موجب، ڪنهن وڏي جاني نقصان کان بچڻ لاءِ ٻنهي ڌرين کي فوري طور تي ڇڏايو ويو جهيڙو ٽاريو ويو ۽ ٻنهي ڌرين مان ڪجهه ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو، جڏهن ته گرفتار جوابدارن خلاف وڙهڻ ۽ ٻين قانونن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي گرفتار جوابدارن ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ميان جمشيد انعام الله، مصور آغا،  احمد رحمان ۽ ٻيا شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.