مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اشرف قريشي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ خلاف خلاف  درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ موقف ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن 29 اپريل 2022ع ۾ سنڌ جي ٻئي مرحلي جي چونڊن جو اعلان ڪيو .جڏهن ته هنن جي خلاف مختلف سياسي جماعتون سنڌهاءِڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون پر اليڪشن ڪميشن چيو ته 120 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائي آهي .اليڪشن ڪميشن 2700اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايو آهي .اليڪشن ڪميشن چيو ته 3سئوملين بيلٽ پيپرز ٺاهي ويا آهن 5سئوملين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن .جنهن کان پوءِ چونڊين واريون درخواستون رد ڪيون ويون آهن. اسان جي عدالت کان استدعا آهي ته هڪ هفتي اندر چونڊون ڪرائڻ جو  حڪم ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.