سريلنڪا جهڙي تحريڪ پري ناهي، جڏهن ماڻهو روڊن تي هوندا: عمران خان

اسلام آباد(بيورو+م ڊ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو وري خبردار ڪيو آهي ته اسان سريلنڪا واري تحريڪ کان پري ناهيون .سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان لکيو ته رڳو ٽن مهينن دوران زرداري ۽ شريف مافيا ملڪ کي سياسي ۽ معاشي طور ڪمزورڪيو آهي. هي مافيا 30 سالن کان لٽيل دولت بچائڻ لاءِ ملڪ کي تباهه ڪري رهيا آهن.عمران خان  سوال اُٿاريندي چيو ته آخرڪيستائين رياستي ادارا ان ڳالهه جي اجازت ڏيندا رهندا؟هن وڌيڪ لکيو ته يقين سان چوان ٿو ته پنهنجي قوم سان ملاقات ۽ حقيقي آزادي لاءِ ڏنل سڏ کانپوءِ سامهون ايندڙ ردعمل مان واضح ٿئي ٿو ته پاڪستاني عوام هن مافيا کيوڌيڪ ڦرلٽ جي اجازت نه ڏيندو، اسان سريلنڪا جهڙي تحريڪ کان پري ناهيون جڏهن ماڻهو روڊن تي نڪري ايندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.