جيڪب آباد ۾ ڪارروائي، چور گينگ جا 2 سربراهه گرفتار

جيڪب آباد( ڊ ر )  ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سمير نور چنو جي سخت حڪمن کي نظر ۾ رکندي سرگرم ڏوهارين جي گرفتاري  لاءِ روپوش اشتهاري ۽ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ صدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او  اختر حسين ابڙو ۽ انچارج 15 محبوب علي جکراڻي پنهنجي اسٽاف سان گڏجي  ڪارروائي ڪندي موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ گينگ جي سربراه 02 جوابدار 01 واجد علي ولد محمد علي بروهي 02 دلبر ولد ڪريم بخش بروهي رهائشي ڳوٺ محمد پناھ بروهي تعلقو جيڪب آباد ڳوٺ عطار ڀنگر وٽان گرفتار ڪري ورتو آهي جوابدارن جي قبضي مان 08 موٽرسائيڪلون، 02 ٽي ٽي پستول، 08 گوليون ۽ 01 ماسٽر چاٻي هٿ ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.