نوابشاهه عدالت طرفان ڪوڙو چيڪ ڏيڻ تي ٻن جوابدارن کي سزا

نوابشاهه (ڊ ر) جڊيشل مئجسٽريٽ ون نواب شاهه جي عدالت جي جج عامر لطيف ڀٽي ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن نور احمد مغيري کي 3 سال قيد ۽ 45 ھزار ڏنڊ، جڏهن ته جوابدار ممتاز آرائين کي 2 سال قيد ۽ 30 ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جيل موڪلي ڇڏيو، واضح رهي ته فريادي مورڏاھري جوابدار نور احمد مغيري مٿان تعلقي ٿاڻي تي 60 لک 46 ھزار جو ڪوڙو ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪرايو ھو، جنھن تي عدالت اڄ ٻنھي جوابدارن کي سزا ڏئي جيل موڪلي ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.