خيرپور ۾ نينگري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيو، احتجاج

خيرپور( ڊ ر)بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لقمان جي ميمڻ محلا ۾ معصوم ٻارڙي انيشا ڌي اياز دايو سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ سگھيا. نينگري جي وارثن پريس ڪلب خيرپور پهچي احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ جوابدار عبدالقدير ميتلو اسان جي معصوم نينگري انيشا سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن جي رڙين تي پاڙيوارا نڪري آيا ۽ پاڙيوارن اسان جي معصوم ٻارڙي کي پچايو اسان اهڙي واقعي جي اين سي حد جي ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرايو آهي پر  پوليس اڃا تائين جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگھي جڏهن ته جوابدار عبدالقدير ميتلو سرعام گهمي ٿو ۽ اسان کي ڌمڪيو پڻ ڏئي رهيو آهي هنن ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي آهي ته جوابدار عبدالقدير ميتلو  کي فوري طور تي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته اسان ايس ايس پي آفيس اڳيان سخت احتجاج ڪنداسين جنهن جي زميواري خيرپور پوليس تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.