فيض گنج ۽ ڀرپاسي برساتن بعد گيسٽرو ۽ ڊائريا پکڙيل

فيض گنج (ن ع آ) فيض گنج لڳ عبداللہ ملاح فيض گنج ۾ برساتن بعد تعلقي جي مختلف شهرن پڪا چانگ، ڪوٽ لالو، ڀنگو بهڻ،  ڪرونڊي، اڪري چودگي ۾ گيسٽرو ۽ ڊائريا تيزي سان ڦهلجڻ لڳي آهي، انتظاميا پاران شهر جي مک علائقن مان برساتي پاڻي جي نيڪالي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ ۽ شهر ۾ صفائي جي ناقص انتظامن سبب ڦهليل گندگي سبب مکين جي آزار سبب شهري گيسٽرو ۽ ڊائيريا سميت پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن شهر ۾ گيسٽرو ۽ ڊائيريا سميت پيٽ جي بيمارين ۾ ورتل مريضن جي سرڪاري اسپتال سميت شهر جي خانگي اسپتالن ۾ رش لڳل آهي جڏهن ته شهر ۾ برسات جي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ۽ گٽرن جو پاڻي شهر جي مختلف علائقن جي روڊ رستن ۽ گھٽين ۾ بيهڻ سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي رهيو آهي جنهن سان مليريا ڦهلجڻ جو پڻ خدشو وڌي ويو آهي. گيسٽرو سبب ڳوٺ سونو خان مجيداڻو ۾ اٺن سالن جي نينگري مريم ولد عرفان مجيداڻو فوت جڏھن ته سعيد، وڪيلان، احسن، راشد، محسن ۽ بينظير گيسٽرو ۾ ورتل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.