قاضي احمد پوليس نوجوان جا قاتل گرفتار نه ڪيا، وارث ٿاڻي تي پهتا

قاضي احمد (ن ع آ)  قاضي احمد ٿاڻي تي ٻيھر چارج وٺندڙ ايس ايڇ او وحيد علي شيخ سان ڪجھ اڳ ڪريم آباد اسٽاپ تي گھر اندر مڙس غلام قادر ڪلھوڙو ھٿان قتل ٿيل زال  مسمات عائشا ملاح ۽ سھرو لال بخش ملاح جي وارثن گلشن ملاح رفيق ملاح حاجي مختيار ملاح ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن حاجي خان لاکو ڊاڪٽر غلام شبير چانڊيو قربان لاشاري اعجاز علي لاکو وحيد چانڊيو سائل لاکو ياسين ميراڻي ۽ ٻين وفد جي صورت ۾ ملاقات ڪري شڪايت ڪئي ته ايف آء آر داخل ھئڻ جي باوجود به ڪيس جو جانچ آفيسر قاتل گرفتار ناھي سگھيو ۽ جانچ ۾ ڪا به اڳڀرا نه ڪئي جنهن تي ايس ايڇ او قاضي احمد وحيد علي شيخ  آيل وفد کي جلد قاتل گرفتار ڪرڻ جي مڪمل يقين ڌياني ڪرائي ته قاتل ڪيترو به بااثر ھجي پر قانون جي پڪڙ ۾ ضرور ايندو ۽ جلد قاتل گرفتار ٿيندا ٻئي پاسي تقريبن ٽي مھينا اڳ پراسرار نموني قتل ٿيل پير محلا قاضي احمد رھواسي دريش نوجوان محمد علي ملاح جي وارثن قمرالدين ملاح امام الدين ملاح ملاقات ڪري پڻ ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي انھن کي انصاف ڏيارڻ جو مڪمل يقين ڏياريو ٻيھر قاضي احمد ٿاڻي تي پوسٽنگ ٿيڻ تي کوسا برادري پاران گلن ۽ پئسن جا ھار پڻ پارايا ويا انموقعي تي ايس ايڇ او وحيد شيخ چيو ته منهنجي اولين ترجيج امن امان آھي جلد مقتول عائشا ملاح لال بخش ملاح جا اصل قاتل گرفتار ڪيا ويندا ۽ درويش محمد علي ملاح ڪيس جي مڪمل چانج ڪري اصل قاتلن پڻ گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.