زال خوش ته مان خوش: رنبير عاليا کي خوش ڏسڻ جي ڳڻتين ۾ پئجي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور جو چوڻ آهي ته گهر ۾ زال خوش هجي ته هو به خوش هوندو آهي.

سوشل ميڊيا تي سندس هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي آهي جنهن ۾ کيس پنهنجي فلم شمشيرا ڏسڻ بابت عاليا جي خوشي ٻڌائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته عاليا فلم شمشيرا ڏٺي ۽ سڄي ٽيم کي مبارڪ ڏني، کيس فلم پسند آئي.

هن وڌيڪ چيو ته منهنجي لاءِ اها خوشي جي ڳالهه آهي ڇو ته گهر تي زال خوش ته مان به خوش آهيان.

هن چيو ته عاليا جي فلم ڊارلنگ به ڏٺي آهي جيڪا ڪمال جي فلم آهي، ماڻهو عاليا مان اها ئي اميد رکن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.