”عمران خان چماٽ هنئي ته کيس ٺونشو لڳندو“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته سياسي پارٽيون ڪا اهڙي چونڊ نه وڙهنديون، جنهن ۾ کين ڌڪيو وڃي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته عمران خان ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، اسان کي مجبور ڪيو ويو ته عمران خان کي ان جي ئي ٻولي ۾ جواب ڏينداسين، عمران خان ادارن کي ڌمڪائي من پسند فيصلا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي بقا لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون سين، پارليامينٽ کي پنهنجو ۽ سياستدانن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گھرجي، عمران خان کي معاملو حل ڪرڻو آهي ته پارليامينٽ اندر ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته عمران خان نيب کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو، هن جي شر کان ڪهڙو ادارو محفوظ آهي؟ اسان جي سياست کي ڌڪو ڏئي کوهه ۾ ڪيرايو پيو وڃي، اسان هڪ جهڙو قانون لاڳو ٿيڻ چاهيون ٿا، سياسي پارٽيون ڪا به اهڙي چونڊ نه وڙهنديون، جنهن ۾ کين ڌڪيو وڃي.

طلال چوڌري چيو ته عمران خان جو مقابلو هاڻ نئين مسلم ليگ ن سان ٿيندو، چماٽ هڻندو ته ٺونشو هڻنداسين، ڪهڙو لاڏلو پلس آهي، جيڪو اپوزيشن ۾ رهي به انهن جي اک جو تارو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.