بيجنگ (اي پي پي ) عالمي روبوٽ ڪانفرنس 2022ع ايندڙ مهيني بيجنگ ۾ منعقد ٿيندي . چيني ريڊيو موجب ڪانفرنس دوران فورمز ، نمائشن ۽مقابلن سان گڏوگڏ ٻين مقاني سرگرمين جو هڪ سلسلو ترتيب ڏنو ويندو جيڪو سڄي معاشري ۾ عالمي روبوٽڪس ٽيڪنالوجي جي تازين ڪاميابين سان متعلق تازي اڳڀرائي ، مشاهدي ۽ آگاهي لاءِ ڌر کوليندي. اهاسرگرمي عالمي روبوٽس انڊيسٽري جي ترقي لاءِ هڪ نئون باب کوليندي ۽ ان صنعت ۾ سهڪار ۽ڏي وٺ جو هڪ اعلى پليٽ فارم جوڙيندي.