غوثپور ۾نينگري فوت، جنازو برساتي پاڻي مان گذاريو ويو

غوثپور ( رپورٽ : عبدالغفار اوڳاهي )غوثپور جي عوامي آواز اخبار جي رپورٽر عبدالغفار اوڳاھي جي 5 ورهين معصوم ڀائٽي فائزا ولد عبدالجبار اوڳاهي ڪافي عرصي کان وٺي بيماري سبب فوت ٿي وئي سندس جي نماز جنازه ڳوٺ رستم اوڳاهي ۾ ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو ٽائون آفيسر سليم ڊومڪي جي نا اهلي سبب برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو شهر  غوثپور ٽائون آفيسر سليم ڊومڪي پاران برساتي  پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب فوتي نينگري جو مڙھ وارث پاڻي ڪراس ڪرائي قبرستان ڏانهن کڻائي ويا ٻئي پاسي فوتي  نينگري جي وارثن عبدالغفار اوڳاهي عبدالجبار اوڳاهي عبدالستار اوڳاهي  چيو ته برساتي پاڻي نيڪال لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا ٽائون آفيسر کي برساتي پاڻي جي نيڪال لا۽ دانهيو آهي پر ٽائون آفيسر سليم ڊومڪي آفيس اچڻ بدران   پنهنجي ڳوٺ بخشاپور ۾ آرمي آهي وڌيڪ فوتي نينگري جي وارثن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي ٽائون ڪاميٽي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي هنن  وڌيڪ چيو بجيٽ ڪٿي خرچ ٿيڻ جي جاچ ڪرائي شهر جي مختلف پاڙن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ڳڻتي ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.