پ پ ڌارين جي لوڌ کي مضبوط ڪيو آهي: رياض چانڊيو

شهدادپور( ن ع آ ) سنڌ ۾  گيس تيل ۽ ڪوئلن جي زخيرن سان مالا مال آهي پر مقامي ماڻهن کي روزگارن سميت بنيادي سهولتيون نه پيون ملن ڪيڏي نه انڌير نگري لڳي پئي آهي افغاني پٺاڻن سرعام نوجوان بلال ڪاڪا جو قتل ڪري ڇڏيو ۽ سهراب ڳوٺ ڪراچي ۾ پٺاڻن  بسن ڪوچن  مان سنڌين کي لاهي تشدد ڪيو ويو هو پنجاب دريا سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويٺو آهي پر پ پ جي حڪومت ڌارين جي لوڌ کي مظبوط ڪري قانون پاس ڪرائي رهي آهي اسان هن عمل جي سخت مذمت ڪيون ٿا اهڙواظهار جئي سنڌ محاز جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو شهدادپور ويجهو ڳوٺ ڪڙيو بچل بوداڻي ۾  15 مهينا کن اڳ  زمين جي تڪران تان عمراڻين ۽ خاصخيلن ۾  ٿيل خوني ويڙھ ۾ خاصخيلين  جا 2 ڳڀرو  نوجوان جمن خاصخيلي اياز خاصخيلي ۽ مسمات ستڀرائي خاصخيلي جي قتل ٿيڻ تي  پوئيرن سان تڏي تي پھچي تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائين ھن وڌيڪ چيو ته  سنڌ ۾ افغانين سميت ڌارين جي لوڌ جي سنڌ حڪومت پٽڀرائي ڪري رهي آهي  خاصخيلين سان ڪيڏو نہ وڏو ظلم  جبر ۽ ڏاڍ ٿيو آهي  خاصخيلي برادري جا ماڻهو  غريب مسڪين ۽ پورهيت آهن جيڪي هن ڳوٺ ۾ ابن ڏاڏن کان وٺي آباد آهن جن لاءِ ڌرتي ٽامو ڪئي وئي آهي سانگهڙ پوليس ڏوهارين جي ساٿاري بڻيل آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.