ڪنڊيارو ۾برساتي پاڻي بيٺل، چوڙيون ۽ آئينا کڻي احتجاج

ڪنڊيارو  ( ن ع آ ) ڪنڊيارو ۽ ڀرپاسي وارن شھرن ڪمالديرو،محبت ديرو،پڪا گهانگهرا ۽ درٻيلو سميت ٻين شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ٽن ڏينهن جي وقفي بعد رات دير سان ٻيهر  تيز برسات جو  وسڪارو ٿيو، تيز برسات ٽائون عملي جي روايتي ۽ غيرمناسب انتظامن کي وائکو ڪري ڇڏيو۔حاليه جاري تيز برساتن ۽ موسميات کاتي پاران رين الرٽ جاري ڪرڻ ۽ شھرين جي دانهن باوجود ٽائون انتظاميا برسات جي پاڻي نيڪال جا ڪي به موئثر انتظام نه ڪيا۔انتظام نه ڪرڻ ڪري برسات جو پاڻي اڳ وانگي ساڳي طرح روڊن،بازارن ۽ گهٽين ۾ بيهجي ويو آھي۔اسپتال روڊ،ٺاروشاهه روڊ،ڪلتارپور روڊ ۽ محبت ديرو ناڪي سميت ڪيترن ئي هنڌن تي بارش جو پاڻي بيهڻ سبب روڊ پاڻي جي تلائن جو منظر پيش ڪري رهيا آھن،گهٽين ۾ پڻ برسات جو پاڻي بيهجي ويو آھي۔ٽائون انتظاميا ڪٿي به نظر ناهي آئي۔ٻئي پاسي ڪنڊيارو شهر مان برساتي پاڻي نيڪال جا جوڳا اپاء نه ڪرڻ خلاف مختلف محلن جي رهواسين ۽ دڪاندارن  سعيد احمد گوپانگ، اسد الله سهتو، آصف علي ۽ جاويد سولنگي جي اڳواڻي ۾ ٽائون انتظاميه خلاف چوڙيون ۽ آئينا هٿن ۾  کڻي انوکي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ٽائون انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي جاچ ڪرائي شھر مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۽ اڳتي لاء بهتر انتظام ڪرڻ جي گهر ڪئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.