مڪاني چونڊن ملتوي ٿيڻ سنڌ حڪومت جي ناڪامي آهي: راشد محمود

جيڪب آباد( ڊ ر) اليڪشن ڪميشن فارين فنڊنگ ڪيس فورن فيصلو ٻڌائي عوام آڏو حقيقتن کي آگاهه ڪري، مڪاني چونڊن ملتوي ٿيڻ سنڌ حڪومت جي ناڪامي آهي،سنڌ حڪومت ۽ انتظاميه زيادتيون جاري رکيون ۽ انهن ازالو نه ڪيو ويو ٽه محرم الحرام ۾ بائيڪاٽ جو فيصلو ڪري سگهجي ٿو، باقي محرم ۾ امن امان قائم ڪرڻ اسان جي ذميواري ۾ شامل آهي.جي يوآء سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو جو جيڪب آباد جي وفد ڳالھ ٻولهه.خبر موجب جمعيت علماء اسلام سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته پي ٽي آء جي فارين فنڊنگ جو ڪيس اليڪشن ڪميشن فورن اڪلائي ان جي حقيقتن کي عوام آڏو وائکو ڪيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن جي يو آءِ ضلعي جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري ۽ ٻين  ضلعن جي عهديدارن سان حج ڪرڻ سعادت حاصل ڪرڻ بعد مبارڪون وٺڻ وقت گلشن شهيد ۾ ملاقات ڪندڙ وفدن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي ان موقعي تي جي يو آءِ ضلعي خيرپور ميرس جو امير مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو، ضلعي گهوٽڪي جو امير مولانا محمد اسحاق لغاري، جي يو آءِ سکر ضلعي جو جنرل سيڪريٽري مولانا محمد صالح انڊڙ، لاڙڪاڻي جو ضلعي جي جنرل سيڪريٽري مولانا محبت علي کهڙو، تعلقه جيڪب آباد جو امير مولانا عبد الجبار رند ۽ ٻيا به موجود هئا، علام راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ حڪومت جي هدايتن تي ٻئي مرحلي  جي مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ سان پي پي کي شڪست نظر اچي رهي هئي. سنڌ اليڪشن ڪميشن پيپلز پارٽي جي ٽيم ثابت ٿي آهي. وڌيڪ چيوته سنڌ حڪومت ۽ انتظاميه جي زيادتون جاري رکيون ته محرم الحرام ۾ تعاون نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهجي ٿو پر ان ۾ امن امان قائم ڪرڻ اسان جي ذميواري ۾ شامل آهي. علامه راشد محمود سومرو چيو ته مڪاني چونڊن سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي اپوزيشن جماعت جو جي يو آءِ ڪردار ادا ڪيو آهي ان ڪري جي يو آءِ جي ڪارڪنن خلاف انڌا ڌنڌ انتقامي ڪاروايون ۽ دهشت گردي جا ڪوڙا ڪيس مڙهيا پيا وڃن جنهن کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي خلاف محرم الحرام کان بعد جي يو آءِ تحريڪ جو اعلان ڪندي پوري سنڌ جي هر ضلعي ۾ احتجاج کان بعد جيڪب آباد کان وزير اعلى هائوس ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ ڪارڪن تياري ڪن.

آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 9 ڪروڙ کان وڌي ويو

واشنگٽن (اي پي پي ) آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ  9 ڪروڙ کان وڌي ويو آهي . چيني سڌ سماءَ جي ذريعن موجب مري لينڊ جي يونيورسٽي جان هاپڪنز يونيورسٽي جي انگ اکرن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آمريڪا ۾ ڪورونا ڪيسن جو مجموعي انگ 9 ڪروڙ 66 هزار 295 جڏهن ته فوتگيون 10 لک 25 هزار 796 تائين پهچي ويون آهن . دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۽ فوتگين سان گڏ آمريڪا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي . آمريڪا ۾ ڪورونا  وائرس جي ڪيسن جو انگ 13 ڊسمبر 2021ع تي 5 ڪروڙ هو جيڪو 9 جنوري 2022ع تي وڌي ڪري 6 ڪروڙ ٿي ويو آهي . 21 جنوري تي 7 ڪروڙ ۽ 29 مارچ تي اهو انگ 8 ڪروڙ کان وڌي ويو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ اضافو ريڪارڊ

سنگاپور (اي پي پي ) عالمي مارڪيٽ م خام تيل جي اگهن ۾ هڪ سيڪڙو کان به وڌيڪ جو اضافو ٿيو آهي .ان جو وڏو  سبب ڪروڊ جي سپلائي ۾ گهٽتائي ۽ عالمي سياسي حالتون  آهن  . سنگاپور مرڪنٽائل ايڪس چينج ۾ آگسٽ لاءِ برنٽ ڪروڊ جي سپلائي جا سودا 1.61 ڊالر (1.6  سيڪڙو ) اضافي سان  105.47 ڊالر في بيرل جڏهن ته سيپٽمبر لاءِ ڊبليو ٽي آئي ڪروڊ (لائٽ آمريڪي ) جي سپلائي 1.43 ڊالر (1.5 سيڪڙو ) اضافي سان 97.78 ڊالر في بيرل تي طئي ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.