سون ورنو ’سائين قاضِي‘ ۽ سندس اُوچا آدرشَ

ــ نصرت سڪندر

شهر رتيديري (ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ اڄ به چوٿين نسل جي زبان تي به ’سائين قاضيءَ‘ جي نالي سان زندهه آهي. رتيديري ۽ ان جي آسپاس ’سائين قاضيءَ‘ جو مطلب فقط هڪ شخصيت ئي آهي (جيتوڻيڪ ان جي خاندان جو هر فرد  ’قاضي صاحب‘ ئي آهي)، پر ’سائين قاضي‘ خاص نالو آهي، سنڌ جي پنهنجي دؤر جي قادرالڪلام شاعر، نثر نويس، استاد، تعليمدان، مصوّر، سماج سُڌارڪ ۽ سُر سنگيت جي پريميءَ، قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جو، جيڪو پنهنجي ڪٽنب توڙي اوڙي پاڙي، پنهنجي شهر توڙي ان جي پسگردائيءَ کان وٺي سموريءَ سنڌ ۾  پنهنجي ڪيل علمي، ادبي، سماجي، پورهئي سميت پنهنجي اعليٰ اخلاقي قدرن سان پنهنجن شاگردن، پڙهندڙن توڙي چاهيندڙن جي دلين ۾ هڪ ٿڌڙو احساس بڻجي هميشه لاءِ ٽِڪي پيو آهي.

گذريل سال کان وٺي جُولاءِ ۽ ذوالحج جو مهينو گڏ گڏ هلي رهيا آهن. هن سال ته هجري تاريخون ۽ عيسوي تاريخون انگ به انگ تُز هڪجهڙيون آهن. لڳ ڀڳ ايئن ئي اڄ کان 33 سال اڳ به ٿيو هو. جڏهن 1989ع واري سال، قاضي ’قائل‘ صاحب حج جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ ڀلي پار ويو هو ۽ وري نه موٽيو. جتي حج جي ادائگيءَ کان پوءِ چند ڏينهن جي علالت بعد سندس رُوح ــ پکيئڙو مڪي پاڪ ۾ ئي پرواز ڪري ويو ۽ کيس ’جنت المعليٰ‘ جي عظيم قبرستان ۾ طيبه جي مٽيءَ جو ڀاڪُر نصيت ٿيو. اها خبر جڏهن سندس شهر توڙي پسگردائيءَ ۾ باهه وانگر ڦهلي ته ’سائين قاضي گذاري ويو…‘ ته سندس وڇوڙي جو پُرسو ڏيڻ ايندڙ سوين ماڻهو تڏي ــ ڌڻين لاءِ به اڻ ڄاتل هئا. جن ۾ ’سائين قاضيءَ‘ جي شاگردن کانسواءِ هڪ وڏو انگ گداگرن، فقيرن، ملنگن، ڏتڙيل طبقي سان تعلق رکندڙ مسڪينن ۽ بظاهر مست نظر ايندڙ ڪردارن جو به هو، جن بابت عيني شاهد چون ٿا ته اهي ايئن غمگين هئا، ڄڻ سندن ڪو گھر جو فرد راهِه ربّاني وٺي ويو هجي. جنهن ڏينهن (23 جُولاءِ 1989ع تي) قاضي عبدالحيّ ”قائل“ وڇڙيو، ان ڏينهن به سانوڻ دل کولي گرجِي وسيو… ته ان کانپوءِ ڪيترن هفتن تائين اهو سانوڻ جي وسڪاري جو اڻ کُٽ سلسلو جاري رهيو. رتيديري ۾ قاضي ’قائل‘ جي گھر ’المنظر‘ جي سامهون قائم ڇوڪرين جي سرڪاري ووڪيشنل اسڪول جي هال ۾ سندس تڏو ڪيترا ئي ڏينهن وڇايل رهيو. شايد گھٽ وڇوڙا به اهڙا يادگار هوندا، جن جي تعزيت جو تڏو سندس چاليهي تائين وڇايل رهيو هجي، جنهن ۾ پُرسو ڏيڻ وارن جي روز، اچ وڃ رهِي هجي. جن ۾ استاد بخاريءَ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، تاج صحرائيءَ، احمد خان ”مدهوش“ سميت سنڌي ادبي اتهاس جي چمڪندڙ ستارن کان وٺي شهر جي ڪُڙمين، ڪاسبين ۽ خاڪروبن تائين هر طبقي جو ماڻهو بنا فرق جي شامل رهيو هجي.

اهو سنڌي ادب جي روايتي غزل جي دؤر جو نشانبر شاعر، قاضي ’قائل‘، جنهن پنهنجي ادبي نالي سان پنهنجي مُربي ادبي استاد سرشار عُقيليءَ جي نسبت لڳائي ’قائل سرشاريءَ‘جي نالي سان لکڻ شروع ڪيو، استاد ۽ منتظم جي حيثيت سان نهايت سخت، پنهنجي اصل مزاج ۾ ماٺيڻو ۽ پنهنجن اصُولن ۽ آدرشن جي لحاظ کان مثالي هو، جنهنجو نالو کڻڻ سان ئي هڪ پوري خاندان جي نمائندگي ۽ نشاندهي ٿئي ٿي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جو اهو تاريخي ۽ ثقافتي شهر ’رتوديرو‘ ذهن ۾ اچي ٿو، جتي هن پنهنجي علم ۽ ادب جي اهڙي روشن لاٽ ٻاري، جنهن جي روشنيءَ سندس اولاد ۽ خاندان کي ئي نه، بلڪه سندس آسپاس جي ماڻهن سميت سڄيءَ سنڌ کي سوجھرا ارپيا ۽ قديم ماڙين ۽ مِٺَي مائَي جي ڪري مشهور هن شهر جي هن ’قاضي قلمي ڪُٽنب‘ جي هن عظيم انسان جي محنت ۽ تربيت ۾ نسرندڙ گؤنچن اڳتي هلي، پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي، ادب، آرٽ، ڪاشيگريءَ ۽ ميڊيا انڊسٽريءَ رستي سنڌ جي خدمت ڪري، سنڌي ادب توڙي ثقافت کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني. اڄ رتوديرو پنهنجي ڄاون جي لحاظ کان ادب جي جنهن ’ٽه مُورتيءَ‘ طور سڃاتو وڃي ٿو، تن ۾ سنڌيءَ جو ناميارو اديب، امرتراءِ، حشمتراءِ ’سام‘ جئسنگھاڻي، مشهور صوفي شاعر غمدل فقير ۽ اسانجو هي قادرالڪلام شاعر قاضي عبدالحئي ’قائل‘ شامل آهن. رتيديري واسي هي ٽئي اديب ’ غمدل  ــ سام ــ قائل‘ رتيديري جي ادبي ٽه ــ مورتيءَ جي نسبت سان ياد ڪيا وڃن ٿا. سندن نالو به ڪو ٽيڙُو لڳي ٿو.

انهن سمورين ادبي ۽ ثقافتي خدمتن کان وڌيڪ مٿانهان، قاضي ’قائل‘ صاحب جا اهي اعليٰ انساني گُڻ هئا، جيڪي سندس شاگردن ۽ ساڻس سلهاڙيل هر جيءَ کان نسل در نسل اڳتي وڌن پيا ۽ وڌندا رهندا. سندس شاگردن جي بقول اهو ٻاهران اخروٽ وانگر سخت ۽ اندران گدري وانگر نرم طبيعت رکندڙ مثالي استاد، جيڪو اسڪول کانپوءِ به پنهنجي ڪلاس جي ٻارن جي شهر اندر سرگرمين تي نظر رکندو هو، ته اسڪول کانپوءِ ڪوئي غيرصحتمند سرگرمين اچي بريءَ صحبت ۾ نه ڦاسي پوي… جنهنجو گھر ٻهراڙيءَ جي انهن ٻارن لاءِ بنا معاوضي جي هاسٽل بڻيل هو، جن لاءِ پنهنجي ڳوٺ کان روز رتيديري اچي اسڪول اٽينڊ ڪرڻ ممڪن نه هو… جنهن هر حال ۾ سچ چوڻ، پنهنجن اصولن تي هر صورت قائم رهڻ، سادو سُودو پائي به پنهنجو شان نه وڃائڻ، ڪنهن سان به پنهنجي مجبوري نه سَلڻ، هر ڪنهن سان بنا صلي جِي اميد جي چڱو ڪندو رهڻ، بنا رنگ، نسل ۽ مذهب جي ڀيد ڀاوَ جي پيڙهيل کان پيڙهيل طبقي وارن ماڻهن سان به پنهنجن سڳن وانگر ورتاءَ رکڻ، بظاهر ذات پات جي لحاظ کان سماج جي انڌِي اُونڌِي ورڇ تحت ’گھٽ ذات وارا‘ سمجھيو ويندڙن جي غمن خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ جهڙا آدرش ڏنا، اهو شخص پنهنجي حياتياتي مؤت سان ڪٿي ٿو مري سگھي! اهو ته انهن لوڪن جي ايندڙ پيڙهين جي دلين ۾ به سدائين زندهه رهندو. شايد اهڙن ماڻهن لاءِ ئي لفظ ’امر‘ تخليق ٿيو آهي. ڇو ته ’سائين قاضي‘ رتيديري سميت سڄيءَ سنڌ جي ماڻهن لاءِ احترام جو امر استعارو بڻجي چڪو آهي ۽ سدائين بڻيل رهندو.

ساڳئي خوشبُوء ڏين، ڇڄِي گُلَ گلاب جا

وڃي امر ٿين، ڪوي مرن ڪينڪي

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.